جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ جا انتظامي اختيار سنڌ حڪومت کي منتقل ڪرڻ جي راهه هموار

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومتِ سنڌ طرفان آٽزم جي شڪار ٻارن لاءِ ھن وقت تائين 10 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب هن چيو ته سنڌ حڪومت جي مؤثر پاليسين سبب هن سال ڪڻڪ جو بمپر فصل ٿيو  آهي. سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي نقل و حمل تي پابندي لاڳو ڪندي ذخيرو اندوزي خلاف سخت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا آهن، هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا مختلف ترقياتي ۽ انتظامي فيصلن جي منظوري ڏني آهي جن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ويلنس اينڊ رڪريئيشنل پارڪ سکر جي اپ گريڊيشن، مير معصوم شاهه لائبريري سکر ۾ عورتن لاءِ خاص بلاڪ جو قيام، ۽ جيل خانا جات سنڌ ۾ قيدين جي خوراڪ لاءِ 91 ڪروڙ 61 لک رپين کان وڌيڪ جي اضافي گرانٽ جي منظوري شامل آهي. اهڙي طرح جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ آپريشن اينڊ مئنيجمينٽ ايڪٽ 2025 جي مسودا بل جي منظوري پڻ ڏني وئي، جڏهن ته وفاق کان منتقل ٿيل طبي ادارن جي انتظام لاءِ نئون قانوني فريم ورڪ پڻ منظور ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جي مقرري جا قاعدا، آنڪولوجي ۽ ويڪٽر مان پکڙجندڙ بيمارين جي دوائن کي اي پي اي ڊي ايس ۾ شامل ڪرڻ، ۽ مالي سال 2027-28 جي ٽينڊر لاءِ جولاءِ 2026 ۾ اڳواٽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. سنڌ پوسٽ گريجوئيٽ ريزيڊنسي پاليسي 2026 جي نفاذ ۽ سڀني سرڪاري ميڊيڪل ادارن ۾ هڪجهڙو پوسٽ گريجوئيٽ داخلا نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 3 هزار 794 تربيتي سيٽن لاءِ 4 ارب 73 ڪروڙ 90 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ صوبائي پوسٽ گريجوئيٽ ڪميٽي جي قيام ۽ ڊي ايڇ ڪيو ۽ ٽي ايڇ ڪيو اسپتالن ۾ لازمي تربيتي روٽيشن جي منظوري پڻ ڏني وئي.هن چيو ته سنڌ سيف بلڊ ٽرانسفيوزن ترميمي ايڪٽ 2026 جي مسودا بل جي منظوري ڏيندي بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سربراهه جي اهليت جي معيار کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ (SBOSS) منتقلي منصوبي کي پڻ منظور ڪيو ويو ۽ هن پليٽ فارم جي استحڪام کي قومي اهميت قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح 1 جون کان 15 جون 2026 تائين مڇي مارڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ مهاڻن کي معاشي رليف فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته 15 جون کان پوءِ مڪمل پابندي ٻيهر لاڳو ڪئي ويندي.هن ٻڌايو ته آءِ بي اي ترميمي بل 2026 جي منظوري کان پوءِ آءِ بي اي کي سنڌ کان ٻاهر ۽ اسلام آباد ۾ پڻ ڪيمپس قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻو جوائنٽ وينچر معاهدو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ريڊ لائن بي آر ٽي تي مڪسڊ ٽريفڪ لين ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وڌيڪ 23 مئي تي حيدرآباد ۾ مفت پنڪ اسڪوٽيون ورهايون وينديون،  هن چيو ته 22 مئي پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ هڪ اهم ڏينهن هوندو، جڏهن شاهراهه ڀٽو کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڏنو ويندو 28هين آئيني ترميم بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ان تي ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.