نيلم جهلم رٿا ۾ خرابي، قومي ناڻي کي 42 ارب 93 ڪروڙن جو نقصان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آڊٽ عملدارن چيو ته نيسپاڪ ۾ نيلم جهلم منصوبي ۾ ٽيڪنيڪل خاميون ۽ ناقص نگراني هئي. نيلم جهلم پاور پلانٽ جولاءِ 2022 ۾ سرنگهه جي ٽٽڻ سبب بند ڪيو ويو هو. آڊيٽر جنرل جي عملدارن چيو ته مئي 2024 ۾ نيلم جهلم سرنگهه ۾ هڪ ٻيو حادثو پيش آيو، جنهن جي ڪري منصوبي جي بندش سبب بجلي جي پيداوار ۾ اربين رپين جو نقصان ٿيو. آفيسرن اهو به چيو ته نيسپاڪ جوائنٽ وينچر منصوبي جي ڊيزائن کان وٺي تعميراتي نگراني تائين سڀني مرحلن ۾ شامل هو. بجلي جي پيداوار جي بحالي ۽ بندش سبب ڪل نقصان 42  ارب 93 ڪروڙ ۽ 40 لک رپين تائين پهچي ويو. سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن چيو ته وفاقي حڪومت هن معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي، اڳوڻي گهرو سيڪريٽري شاهد علي جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.