واشنگٽن (ع آ نيوز)آمريڪي ميڊيا چينل انٽيليجنس حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته ايران جي فوجي بحالي اميد کان وڌيڪ تيزي سان ٿي رهي آهي. آمريڪي چينل موجب ايران ٻيهر ڊرون جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي، ايران جي تيارين سبب علائقي ۾ سيڪيورٽي خدشا هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي ويا آهن. ان حوالي سان هڪ آمريڪي عملدار چيو آهي ته ايرانين بحالي جي معاملن ۾ انٽيليجنس ڪميونٽي جي سڀني اندازن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. هوڏانهن آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ممڪن معاهدي جي تجويزن تي ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي رابطو ڪري ٻڌايو آهي ته ٽياڪڙ اظهارِ ارادي واري خط تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن تي آمريڪا ۽ ايران صحيحون ڪندا. ايران پنهنجي فوجي طاقت کي اندازي کان وڌيڪ تيزيءَ سان ٻيهر تعمير ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ نون حملن لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيار آهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي هڪ خاص رپورٽ موجب، چار آمريڪي انٽيليجنس ذريعن تصديق ڪئي ته ايران جي فوجي بحالي جي رفتار شروعاتي اندازن کان تمام تيز آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل، ڊرون ۽ هوائي دفاعي صلاحيتون مڪمل طور تي تباهه نه ٿيون آهن، پر انهن جو هڪ وڏو حصو اڃا تائين برقرار آهي. آمريڪي انٽيليجنس موجب، ايراني ميزائل لانچرن جو لڳ ڀڳ ٻه ٽيون حصو اڃا تائين موجود آهي، جڏهن ته ايران وٽ هزارين ڊرون پڻ آهن، جيڪي ان جي ڪل ڊرون صلاحيت جو تقريباً پنجاهه سيڪڙو آهن. سي اين اين جي رپورٽ موجب، آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين اندازو لڳايو آهي ته ايران پنهنجي دفاعي ۽ فوجي صنعتي صلاحيتون توقع کان تمام تيزيءَ سان بحال ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران اپريل جي شروعات ۾ 6 هفتن جي جنگ بندي دوران ڊرون جي محدود پيداوار ٻيهر شروع ڪئي .