اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اجلاس ۾ ملڪ ۾ مهانگائي،بک ۽ افلاس جي حالتن تي ڳالهيون ٿيون،اسان فيصلو ڪيو آهي ته تحريڪ هلائينداسين،اسان پرامن رهنداسين،ڪنهن کي به گار نه ڏينداسين،هن چيو ته اهي پارٽيون جن کي چيو ويو ته جمهوريت جي بقا لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن انهن جا پر ڪٽيا ويا،اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان کي آئين جو دفاع ڪرڻو آهي،علامه راجا ناصرعباس چيو ته ملڪ هلائڻو آهي ته ضروري آهي ته ڳالهيون ٿين،وزيراعظم اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ اچي،ڇا ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ وزيراعظم جي ذميواري ناهي؟