ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت واشنگٽن جي آشيرواد کانسواءِ نٿي هلي سگهي،جمهوريت جي ڳالهه نٿو ڪريان ڇو ته اهو منهنجو سبجيڪٽ ناهي،پاڪستان اڄ آمريڪا جي جنهن پاسي بيٺو آهي ان سائيڊ تي گهڻي عرصي بعد واپس آيو آهي،اسان وٽ موقعي مان فائدو وٺڻ جو وقت آهي،اسان ان موقعي کي ڪيپيٽلائز ڪرڻ جي ڳالهه نه پيا ڪريون،هن چيو ته ايران جنگ کانپوءِ هاڻي دنيا 27 فيبروري واري صورتحال تي ڪڏهن به واپس نه ايندي،هن چيو ته اسان جو بنيادي مسئلو ڊي انڊسٽريلائزيشن ۽ ايڪسپورٽ جي گهٽتائي آهي،اسان وٽ ڊالر ناهن،هن چيو ته مان جڏهن به اسٽيبلشمينٽ سان معيشت بابت ڳالهايان ٿو ته اهي چون ٿا ته 70 سالن جي معيشت ڏسو،ڇا اها اسان تباهه ڪئي آهي؟اهو ته سياستدانن جو ڪم آهي،ٻڌايو ته معيشت تباهه ڪرڻ ۾ اسان جو ڪهڙو ڪردار آهي؟هن چيو ته مون وٽ ان جو جواب اهو آهي ته اهي(اسٽيبلشمينٽ)صحيح چئي رهيا آهن،اڳ ۾ پ پ ۽ ن ليگ ۾ ويڙهه هئي،هاڻي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۾ جهيڙو آهي جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ کي موقعو ملي وڃي ٿو،هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي ايمرجنسي لڳائڻي پوندي،توهان کي 10 سالن جو معاشي پلان ڏيڻو پوندو،اڌ اڌ ڪلاڪ جي حڪومت جو وقت ناهي،محمد علي دراني کي ياد رکڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ حڪومت به مڪاني حڪومت نه ٺاهي هئي،اختيارن جي ورڇ ۾ سڀني پارٽين جو ڪردار هڪ جهڙو آهي،هن چيو ته عمران خان دور ۾ مان روز عمران خان سان ملاقات ڪندو هئس،شهزاد اڪبر ساڍا ٽي سال ڪرپشن ڪرپشن چوڻ تي ضايع ڪري ڇڏيا،پاڪستان جو اشو ڪرپشن ناهي،پاڪستان جو اشو اسلام آباد جي نااهلي آهي،جيڪي پاڪستان هلائي رهيا آهن اهي قابل ئي ناهن،انهن کي اها خبر ئي ناهي ته معيشت ڇا هوندي آهي،توهان حڪومت نالائقن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي آهي،47ع کان وٺي اهو سلسلو هلندو پيو اچي،1970 ع ۾ پاڪستان جو معاشي پلان ختم ٿيو هو،اڄ پاڪستان ۾ ڪو معاشي پلان آهي؟احسن اقبال ڪڏهن 2035ع جو ڪڏهن 2045ع جو ويزن ڏئي ٿو،اهو سڀ بڪواس آهي،اين ايف سي بابت هن چيو ته مسئلو وڌيڪ ته اسلام آباد ۾ آهي،سنڌ ۾ گهٽ آهي،پنجاب ۾ گهٽ آهي،توهان جي ناڪامي اسلام آباد جي آهي،اها سنڌ ۽ پنجاب جي ناهي،توهان تسليم ڪريو ته اسان کان هي ملڪ نه پيو هلي،هي ملڪ نه هليو آهي،1947ع کان وٺي هيل تائين هن ملڪ ۾ 300 ارب ڊالر جو خسارو آيو آهي،اهي 300 ارب ڊالر ڪنهن ته ڏنا آهن،انهن مان 140 ارب ڊالر جو قرض آهي،باقي 140 ارب ڊالر توهان امداد،افغان جنگ دوران مليا،هن چيو ته توهان نجي شعبي کي ڪم ڪرڻ ڏيو،ڪراچي کي سڌاريو،اسان ٻن سالن ۾ ايڪسپورٽ 50 ارب ڊالر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،دبئي ختم ٿي ويو آهي،اسان کي نئون دبئي اڏڻ جي اجازت ڏيو،اسان پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون کي ملائي ذوالفقار آباد جي نالي سان ايڪسپورٽ فري زون بڻائي رهيا آهيون،اسان کي اتي ڪم ڪرڻ جي جاءِ ڏيو،اسان کي73،74،75 آئين ،اسلام ،نظريا نه کپن،اسان کي رڳو پنهنجي ماڻهن کي روزگار،تعليم ۽ عزت ڏيڻي آهي،هن چيو ته رياست جي رٽ اها هوندي آهي ته ماڻهن جو تحفظ ڪري ۽ ٻيو ٽيڪس گڏ ڪري پاڪستان جي رياست ٻئي رٽون وڃائي چڪي آهي،رياست نه ماڻهن کي سيڪيورٽي ڏئي سگهي آهي نه ئي اها ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪري سگهي آهي،محمد علي دراني،عمران اسماعيل ۽ فواد چوڌري سان سوال آهي ته ڪنهن سان ڊائيلاگ جي ڳالهه پيا ڪريو؟منهنجو مشورو آهي ته توهان اسٽيبلشمينٽ کي سسٽم ۾ اسٽيڪ ڏئي ڇڏيو،جيڪو ترڪي ۾ چاليهه سال ٿيو هو،اسٽيبلشمينٽ جو هن ملڪ ۾ رول آهي،سياستدانن ۾ ايتري ڪرپشن آهي جو سامهون وارو هر چئن پنجن سالن ۾ کين ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو،اهو به ياد رکو ته عوام اسٽيبلشمينٽ مان مطمئن هوندو آهي،اسٽيبيلشمينٽ کي هر شئي ۾ اسٽيڪ هولڊر بڻايو،هوڏانهن شبر زيدي انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جا تقريباً سمورا وڏا صنعتي گروپ ۽ نجي شعبي جا اهم ڪاروباري ادارا سندن ڪلائنٽ رهيا آهن ۽ اڄ به انهن مان گهڻا صرف هڪ ئي مطالبو ڪن ٿا ته کين اسلام آباد جي ڪنٽرول مان نجات ڏني وڃي، هن چيو ته توانائي واري شعبي ۾ ڊي ريگوليشن جون دعوائون هجڻ باوجود وزارتِ توانائي اڃا تائين ايتري ئي طاقتور آهي جيتري نيپرا، جڏهن ته موجوده بجيٽ ۾ جيڪڏهن ڪا ڪمپني لمٽيڊ لائبلٽي تحت ڪم ڪري ٿي ته ان جي ٽيڪس کان پوءِ منافعي جو لڳ ڀڳ 51 سيڪڙو حڪومت وٺي ٿي، جنهن ۾ 39 سيڪڙو ڪارپوريٽ ٽيڪس ۽ منافع تي سپر ٽيڪس بعد وڌيڪ 25 سيڪڙو شامل ٿئي ٿو، هن چيو ته دنيا ۾ عام ٽيڪس جي شرح لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان پاڻ کي ڀارت، بنگلاديش، ويٽنام، برطانيا ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن سان ڀيٽي ٿو، شبر زيدي موجب پاڪستان جو اصل مسئلو ڪرپشن نه پر نااهلي آهي ۽ گذريل 75 سالن ۾ ڪو به حڪومتي نظام مالي صلاحيت سان رياست کي مؤثر طريقي سان هلائڻ ثابت نه ڪري سگهيو آهي، هن چيو ته رياست عوام کان ڪٽجي چڪي آهي ۽ ان جو مثال اهو آهي ته ايڪسپورٽر هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي آمدني ويسٽرن يونين ذريعي ترسيلاتِ زر جي صورت ۾ حاصل ڪن ٿا، هن بجيٽ هدفن تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف اصل ۾ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي هدايتن تحت پهريان هدف طئي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان مطابق ٽيڪس لڳايا ويندا آهن، هن پنهنجي دور جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن ايف بي آر 5500 ارب رپين جو هدف ڏنو ته هن ان کي غير حقيقت پسند قرار ڏيندي انڪار ڪيو، پر ان وقت جي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن 7500 ارب به لکيو ويو ته به هو دستخط ڪندو، شبر زيدي چيو ته موجوده نظام ۾ 17100 ارب رپين جو ٽيڪس هدف صرف 350 وڏين ڪمپنين، ڪجهه بئنڪن، ٽيلي ڪام شعبي ۽ آخرڪار عام صارفن تي وڌو ويندو، هن رياست جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري صلاحيت تي سخت سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪس آفيسر کان رڳو راجا بازار يا اڪبري منڊي ۾ دڪانن جي صحيح انگ ۽ ملڪيت بابت پڇيو وڃي ته نظام جي ڪمزوري ظاهر ٿي وڃي ٿي، هن موجب رياست جي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي جنهن جا بنيادي سبب عوامي مينڊيٽ جي کوٽ ۽ ريئل اسٽيٽ ۽ شگر جهڙن وڏن شعبن جو غير دستاويزي هجڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 11 کرب رپيا ڪرنسي گردش ۾ آهي جيڪا غير دستاويزي معيشت جي عڪاسي ڪري ٿي، جڏهن ته بئنڪن جا ڪرنٽ اڪائونٽس به ٽيڪس چوري جو ذريعو بڻجي چڪا آهن، هن معاشي اصطلاحن “پاليسي” ۽ “اصلاحن” کي غير مؤثر قرار ڏيندي چيو ته انهن جو حد کان وڌيڪ استعمال انهن جي اهميت ختم ڪري چڪو آهي، سندس مطابق جڏهن آءِ ايم ايف اڳ ئي ٽيڪس هدف مقرر ڪري ڇڏي ٿو ته بجيٽ تي بحث بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، هن آءِ ايم ايف جي ماهرن تي به تنقيد ڪندي چيو ته گهڻا ماهر مشرقي يورپي ملڪن مان اچن ٿا جن وٽ پاڪستان جهڙي پيچيده ملڪ جو تجربو ناهي، جنهن سبب انهن جون تجويزون زميني حقيقتن سان مطابقت نٿيون رکن۔