مومنا اقبال جو هراساني معاملو ڊگهو، اين سي سي آءِ اي پنجاب جي ايم پي اي کي طلب ڪري ورتو

پنجاب جي ايم پي اي ۽ اداڪارا مومنا اقبال جي ڌمڪين جو معاملو ڊگهو ٿي ويو آهي.

اداڪارا جي درخواست تي نيشنل سائبر ڪرائم انويزٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) اڄ ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي.

ٻئي طرف ڄاڻايل ايم پي اي پڻ پنهنجي ڪزن جي درخواست تي پنهنجي اباڻي ضلع ۾ اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرائي چڪو آهي.

اداڪارا مومنا اقبال پنهنجي درخواست ۾ الزام لڳايو هو ته انهن کي هڪ بااثر سياسي شخصيت پاران ڊگهي عرصي کان آن لائن هراسان ڪرڻ، سائبر بُلنگ، ذهني دٻاءُ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ تفصيلي بيان جاري ڪندي چيو هو ته هنن هن معاملي جون ڪيترائي ڀيرا NCCIA، FIA ۽ پنجاب پوليس کي شڪايتون ڏنيون، پر مبينا سياسي اثر رسوخ سبب ڪارروائي نه ٿي سگهي.

مومنا موجب انصاف فراهم ڪرڻ بدران انهن جي حوصلاشڪني ڪئي وئي، جڏهن ته کيس گهڻو خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.