ڊيل بابت ”هاڪاري اشارا موجود آهن“پاڪستاني اختياريون اڄ تهران جو دورو ڪنديون: مارڪو روبيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي جي سلسلي ۾ ”ڪجهه هاڪاري اشارا“ موجود آهن.

هن ٻڌايو ته پاڪستاني اختياريون اڄ تهران جو دورو ڪنديون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته انهي سان پيش رفت ۾ مدد ملندي.

هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو، آمريڪي صدر جي ترجيح هڪ سٺو معاهدو ڪرڻ آهي، اهو ئي هميشه انهن جي ترجيح رهيو آهي. جيڪڏهن اسان ڪو سٺو معاهدو ڪريون ٿا ته اهو تمام بهتر ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو پر جيڪڏهن اسان سٺو معاهدو نه ڪري سگهيا ته صدر واضح ڪيو آهي ته انهن وٽ ٻيا آپشنز به موجود آهن. مان انهن جي تفصيل بيان نه ڪندس، پر سڀ ڄاڻن ٿا ته اهي ڇا آهن.

مارڪو روبيو وڌيڪ چيو، ڪجهه هاڪاري اشارا ضرور آهن، پر مان حد کان وڌيڪ پراميد ٿيڻ نٿو چاهيان، تنهنڪري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ڏسون ٿا ته ڇا ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.