منشيات خلاف ڪارروايون صرف ڏيکاءُ آهن:رياض چانڊيو

جهمپير(رپورٽ: نظير پالاري) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو جھمپير رسول بخش درس جي رھائش گاھ تي اهم پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ وسيلن تي قبضا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌي عوام کي پنهنجي ئي ڌرتي تي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته ٺٽو ۽ ڄامشورو ضلعن جي زمينن تي بااثر ڌرين پاران ناجائز والار ۽ قبضا جاري آهن، جڏهن ته ڪوھستان جا جبل، پهاڙ ۽ قدرتي وسيلا به بي رحمي سان ڪٽي تباهه ڪيا پيا وڃن. ڪيترن ئي علائقن جي سروي نه ٿيڻ سبب مقامي ماڻهن ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي. رياض چانڊيو الزام هنيو ته منشيات خلاف ڪارروايون صرف ڏيکاءُ بڻيل آهن، ھن وڌيڪ چيو ته ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي ڪراچي ۽ نوري آباد جي انڊسٽريز ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، پر مقامي ماڻهو اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهن.نوري آباد جي ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بدران ڌارين کي نوازيو پيو وڃي. ھن اعلان ڪيو ته زمينن، پاڻي، وسيلن، روزگار، بدحالي ۽ ظلم خلاف 23 مئي تي ٺٽي شهر ۾ هڪ وڏو ۽ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، ان موقعي تي الاهي بخش چاچڙ، امجد شورو، يار محمد پالاري سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.