حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس لا آفيس قاسم آباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن ۽ ايس ايس ٽي سنڌ يونيورسٽي جي صدر نعيم شر، جنرل سيڪريٽري رضوان لاشاري، لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي آرگنائيزر عبدالقادر ڀرڳڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفدن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو تہ جيڪڏھن 28 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو تہ پوءِ لکين شاگرد، نوجوان ۽ ست ڪڙور سنڌي رستن تي هونداسين جيئي ڪينالن جي تحريڪ ۾ گڏ هياسين،هن چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن کي موت جو گھر بڻائڻ چاهي ٿي. تعليمي نصاب پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين جديد سائنسي ۽ دلچسپي وارو ھجڻ گھرجي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ قائم ڪيل اينٽي هراسمينٽ سيل ۾ شاگردن کي شامل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ميرٽ جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. ميرٽ ناھي تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي،هن چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي ايجنڊا تي سنڌ جي ترقي ناھي. پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ کي قبيلائي دھشتگردي، ڏوھاري راڄ، مھانگائي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ تعليم، صحت سميت ھر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪري ھا پر 18 سالن جي حڪومت سئو سال سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.