ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص جي دلبر مھر ٿاڻي جي حد مان مڱڻھار برادري جون اغوا ٿيل ٽئي نينگريون بازياب ٿي ويون. بازياب نينگرين ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته کين مختلف هنڌن تي يرغمال بڻائي رکيو ويو هو. هنن چيو ته پوليس جي ڪارروائي بعد سندن آزادي ممڪن ٿي سگهي. ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سيد فدا حسين شاهه جي مسلسل ڪوششن بعد دلبر مھر ٿاڻي پوليس ٽنهي نينگرين کي اي ايس آءِ بهادر مري جي اوطاق ڳوٺ ٻاجھي خان مري لڳ کيراو شاخ تان بازياب ڪرائي ورتو. واقعي ۾ ملوث اغواڪارن خلاف دهشتگردي، اغوا، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ جان کان مارڻ جي ڪوشش سميت مختلف قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معطل ٿيل اي ايس آءِ بهادر مري کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ 10 ڄڻا نامزد ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 20 کان 25 اڻڄاتل جوابدار پڻ شامل آهن، ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون متوقع آهن.