گهوٽڪي ۾ نياڻي سان اجتماعي زيادتي جو الزام:چار جوابدارن خلاف ڪيس داخل،گرفتاري نه ٿي

گھوٽڪي/عادلپور(نمائندا)عادلپور ويجھو نوجوان ناري کي والدين سامھون مبينا طور تي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ وارو مامرو،متاثر ناري جي والد شبير چاچڙ جي فرياد تي ٻن ڀائر وڏيرن مشتاق چاچڙ، نثار چاچڙ، امير چاچڙ، ضمير چاچڙ ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف عادلپور ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي فريادي جو چوڻ آھي ته 3 مئي تي اسان گاھ ڪرڻ ٻني تي وياسين، جتي جوابدار منھنجي ڌي حوران کي زوري اغوا ڪري کڻي ويا، ڌيءَ جي رڙين تي پنھنجي گهرواري سان گڏ اسان وڏيرن جي اوطاق تي پھتاسين، جتي جوابدار اسان جي سامھون سندس ڌي کي ڪپڙن کان آجو ڪري واري واري سان جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رھيا هوڏانھن مبينا جوابدار وڏيرن جي پيءُ قمرالدين چاچڙ ڳالھائيندي چيو ته منهنجو وڏو پٽ مشتاق چاچڙ 18 گريڊ جو ڪنٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد ۾ سي اي او آھي، ٻيو ننڍو پٽ نثار چاچڙ لاهور ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪري رهيو آهي، قمرالدين چاچڙ جو چوڻ  آھي ته اسان جو مخالف وڏيري مير خان چاچڙ سان زمين تي تڪرار هلندڙ آھي، ٻه هفتا اڳ اسان ايس ايس پي گھوٽڪي کي درخواست ڏني ته بااثر وڏيرو مير خان چاچڙ منھنجي پٽ تي ڪوڙو ڪارنھن جو الزام مڙھيو آھي، هاڻي وري ايڏو وڏو ڪوڙو الزام هنيو ويو آھي انھي حوالي سان ڊي آءِ جي سکر آفتاب ناصر پٺاڻ ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ناري سان زيادتي ٿي آھي، پر ڪٿي ۽ ڪنهن ڪئي آھي اها انڪوائري ڪئي پئي وڃي، ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ آھي ته ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، هاڻي ناري جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو، جيڪو به انڪوائري ۾ ڏوھاري ثابت ٿيو ان خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ جيڪڏھن ڪو بي گناھ ثابت ٿيو ان جو نالو ايف آءِ آر مان خارج ڪيو ويندو, واقعي بابت ويڊيوسوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد رات دير سان ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران، ڊي ايس پي گهوٽڪي انور علي شيخ ۽ ايس ايڇ او عادلپور ظهير ڀٽو ڳوٺ وزير چاچڙ پهتا، جتي متاثر ناري ۽ سندس وارثن جا بيان ورتا ويا.ڳوٺاڻن الزام هنيو ته بااثر جوابدار ڪيترائي ڀيرا ڳوٺ تي افائرنگ پڻ ڪندا رهيا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي. سندن چوڻ هو ته هڪ واقعي دوران اسڪول ويندڙ ٻار زاهد چاچڙ به ڪري زخمي ٿي پيو هو.ڳوٺاڻن غلام شبير چاچڙ، ڪريم بخش چاچڙ، جميل چاچڙ، شڪور چاچڙ ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته متاثر نياڻي کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڳوٺاڻن کي تحفظ ڏنو وڃي.هوڏانهن سنڌ سجاڳي سٿ جي چيئرپرسن ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو پڻ ڳوٺ وزير چاچڙ پهتي، جتان هوءَ متاثر ناري کي ساڻ ڪري عادلپور ٿاڻي تي وئي. جتي ناري جي والد غلام شبير چاچڙ جي فرياد تي مشتاق چاچڙ، نثار چاچڙ، ضمير چاچڙ ۽ اميرالدين چاچڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته متاثر ناري کي ميڊيڪل ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو.ان موقعي تي ڊي ايس پي گهوٽڪي متاثر ناري ۽ سندس وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. آخري اطلاع تائين واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.

سنڌ کي ظالم سردارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي:ام رباب

ميهڙ( رپورٽ: فراز چنا)سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو پاران گھوٽڪي ۾ 15 ورهين جي معصوم نينگري سان سندس والدين جي اکين اڳيان ٿيل وحشيانه اجتماعي زيادتي ۽ ان جي وڊيو ٺاهڻ واري دل ڏاريندڙ واقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ گهري ڏک ۽ سخت صدمي جو اظهار ڪيو آهي هن چيو ته سنڌ جي عوام کي ظالم وڏيرن ۽ سردارن جي رحم و  ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جتي هي فرسوده سرداري ۽ وڏيرا شاھي نظام نه رڳو اسان جي رت جو پياسو بڻيل آهي پر اسان جي ناموس ۽ عزتن جو به دشمن بڻجي چڪو آهي ام رباب چانڊيو گھوٽڪي جي علائقي وزير چاچڙ ۾ معصوم نينگري سان پيش آيل هن لرزائيندڙ واقعي کي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ اعليٰ سماجي قدرن تي اهڙو ڪارو داغ قرار ڏنو آهي، جيڪو ڪڏهن به مٽائي نٿو سگهجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته هي سنڌ جي اها تاريخي ڌرتي آهي، جيڪا عورت کي “ست قرآن” جيان مقدس ۽ مٿانهون درجو ڏئي ٿي، جتي عورت جي عزت ۽ چادر خاطر صدين پراڻا خوني تڪرار ۽ دشمنيون ختم ٿي وينديون آهن۔ پر انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته صوفين جي هن پاڪ سرزمين تي وڏيرا شاھي ۽ بااثر درندن انسانيت جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن ام رباب چانڊيو جي آءِ جي سنڌ کان هن وحشيانه واقعي جو فوري ۽ ذاتي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪيس جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ لاءِ ايماندار ۽ مخلص آفيسرن تي ٻڌل خصوصي جاچ ٽيم جوڙي وڃي هن چيو ته اسان هن مظلوم نينگري ۽ سندس بي وس والدين سان پهاڙ جيان گڏ بيٺل آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.