حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي اٺين ورسي جون تياريون جاري. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان مختلف شهرن ۾ دڪاندارن، هارين، مزدورن، شاگردن، استادن ۽ وڪيلن کي دعوتون ڏنيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ھميرو مل ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دلدار نوحاڻي ڪڙيو گھنور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيل ساٿين ستار سرڪي، نويد جروار ۽ ٻين کي دعوتون ڏنيون.هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماھ نور ملاح، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي دادو جي سيڪريٽري فهميده مهيسر ۽ تهذيب مهيسر ميهڙ جي ڳوٺ ٿرڙي محبت جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي ڳوٺن ۾ ڌاڙيل ۽ تعليمي ادارن ۾ دهشتگرد پيدا ڪيا آهن. پنجاب جا ٻوڏن وارا ڪئنال کولي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، پيپلز پارٽي پنجاب ۾ ووٽن جي لالچ ۾ سنڌ جو پاڻي پنجاب کي وڪرو ڪيو آهي جنهنڪري سنڌ ۾ فصل سڪي رهيا آهن، پاڻي جي شديد کوٽ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پنجاب جا ڌاڙيل واهه ۽ ڪئنال بند ڪري، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.