سلمان خان وري فوٽو گرافرن تي ڇو ڏمري پيو؟

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پاپارازيز (فوٽوگرافرن) تي ڏمري پيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب گذريل ڏينهن سلمان خان کي ممبئي جي هڪ اسپتال مان ٻاهر ايندي ڏٺو ويو، ان دوران اداڪار وٽ سخت سيڪيورٽي موجود هئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ان موقعي تي پاپارازيز (فوٽوگرافرز) به موجود هيا جيڪي سلمان خان کي زور سان آواز هڻي تصويرون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا.

ان بابت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ فوٽوگرافرز پاران سلمان خان کي تصويرن لاءِ ڪوٺيندي ڏٺو ويو، جڏهن ته وڊيو ۾ اهو به ڏٺو ويو ته اسپتال کان ٻاهر فوٽوگرافرز کي ڏسي اداڪار ڪاوڙجي ويو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪجهه اشارا ڪيا.

رپورٽ موجب سلمان خان اهڙي واقعي جو اظهار سوشل ميڊيا تي به ڪيو ۽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تصويرون شيئر ڪندي ڪجهه سٽون لکيون.

رپورٽ موجب هڪ پوسٽ ۾ اداڪار لکيو ته مان جيئن اسپتال ۾ پريس کي منهنجي سور تي خوش ٿيندي ڏسان، اها پريس جنهن لاءِ هر وقت بيٺو رهيس، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، انهن جو خيال رکيو ۽ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته انهن جو روزگار هلي پر جيئن هو منهنجي نقصان مان پيسا ڪمائڻ چاهين ٿا ته خاموش ٿيو، مزو نه ماڻيو، تصوير اهم آهي يا زندگي؟

اداڪار پنهنجي ٽي پوسٽ ۾ لکيو ته جڏهن توهان جو ڪو پيارو اسپتال ۾ هوندو ته ڇا مان اهڙو رد عمل ڏيندس؟

سلمان خان پنهنجي آخري پوسٽ ۾ لکيو ته ”60 سالن جو ٿي ويو آهيان، پر جهيڙو ڪرڻ ناهي وساريو، اهو ياد رکو، جيل وجهندا؟ ها ها….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.