جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز) پسند جي شادي جي تڪرار تي گهرن کي باهه ڏيڻ ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي 6 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ صديق آرائين ۾ گهرن کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت گرفتار 4 جوابدارن کي 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ڪيس ۾ نامزد پنجون جوابدار اڳ ئي پوليس ريمانڊ تي آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل هڪ ٻئي جوابدار کي اڃ ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ايس ايس پي موجب 5 مئي تي پسند جي شادي جي تڪرار سبب گهرن کي باهه ڏني وئي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس 20 نامزد سميت 32 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، واقعي بعد علائقي ۾ صورتحال سخت ڇڪتاڻ جو شڪار آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاني نقصان روڪڻ لاءِ ڳوٺ ۾ مستقل پوليس پڪٽون قائم ڪري سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي، جاچ لاءِ لاءِ ڊي ايس پي ٺل جي سربراهي ۾ خاص ٽيم پڻ جوڙي وئي، ٻئي پاسي متاثر ڌر جي والد طرفان الزامن جي ترديد کان پوءِ معاملو وڌيڪ سنگين ٿي ويو.