بي آءِ ايس پي ۾ هاڻي 5 هزار وڌيڪ ملندا!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 5500 رپيا وڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

رپورٽ موجب آءِ ايم ايف پاران بي آءِ ايس پي 14500 رپين مان وڌائي 20 هزار ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي، آءِ ايم ايف وفد سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي، جڏهن ته وفد کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي.

رپورٽ موجب ڳالهه ٻولهه ۾ بي آءِ ايس پي جي سوشل پروٽيڪشن سسٽم جو جائزو ورتو پيو وڃي. بي آءِ ايس پي اختيارين وفد کي ڪفالت پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڊيٽا تي بريفنگ ڏني وئي.

ان کانسواءِ خاندانن جي رجسٽريشن، هر ٽي مهيني پيسا ڏيڻ ۽ ايندڙ مالي سال جي ضرورتن بابت بريف ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال ڪفالت پروگرام جي ٽن مهينن جي رقم ۾ واڌ ڪئي ويندي، آءِ ايم ايف سان مجموعي طور تي 4 ملاقاتون شيڊيول آهن، وفد جي ملاقات بي آءِ ايس پي ۽ ٽن ايف بي آر جي اختيارين سان ٿيندي.

واضح رهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستاني حڪومت کان سيلز ٽيڪس ۾ هر قسم جي ڇوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.