واشنگٽن ڊي سي(ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) جي هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ نامياري صحافي، شاعر ۽ انساني حقن جي سرگرم اڳواڻ حسن مجتبي سميت اميدوارن جي نئين پينل ”آزادي پينل“ پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب آزادي پينل طرفان صدر جي عهدي لاءِ حسن مجتبي، جنرل سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر آزادي فتح، نائب صدر لاءِ ڊاڪٽر نيل ڪنٺ، خزانچي لاءِ ڊاڪٽر احسان ٿهيم، انفارميشن سيڪريٽري لاءِ غلام نبي ڇڇر ۽ يوٿ صدر لاءِ زويا فتح برفت کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سانا جي مرڪزي صدر جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي موقعي تي آزادي پينل جي پڌرائي ڪندي حسن مجتبي چيو ته:هنن جو نعرو ۽ مقصد ”عورت بچايو، سنڌ بچايو’ آهي“
رپورٽ موجب هن وضاحت ڪئي ته آزادي پينل جو تصور شخصي آزادي، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، سنڌ جي سياسي ۽ قومي حقن جي آزادي، انساني حقن جي تحفظ ۽ اختلافِ راءِ جي آزادي تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندن مقصد سنڌي ثقافت، ٻولي، ادب، موسيقي ۽ شاعري کي عالمي سطح تي پڄائڻ آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کي علم، سائنس ۽ تحقيق جي شعبن ۾ نون موقعن جي تلاش ۽ ترقي لاءِ مدد فراهم ڪرڻ پڻ سندن اهم مقصدن ۾ شامل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آزادي پينل چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ٻين سڀني اميدوارن ۽ سندن اختلافِ راءِ جي حق جو مڪمل احترام ڪري ٿو. سندن خيال موجب، چونڊن ۾ بيٺل سڀئي دوست سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ڊائسپورا لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.