قومي مزاحمتي شاعرا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي

ٺٽو/ٻڍو ٽالپر (نمائندن وٽان) سنڌ جي ناليواري شاعرا، اديبا، ليکڪا ۽ تعليمدان آپا مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي، سندس وفات جي خبر جهنگ جي بياهه جيان پکڙجي وئي، جنهن سان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي حلقن ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي، آپا مريم مجيدي حيدرآباد  جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 80 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري وئي، جڏهن ته جنازي نماز کان پوءِ سندس مڙھ کي سجاول ۾ اباڻي اسماعيل شاھ بخاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، آپا مريم مجيدي سنڌ جي مهان انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر سائين محمد خان مجيدي جي نياڻي هئي، جنهن پنهنجي والد جي علمي ۽ ادبي ورثي کي نهايت سهڻي نموني اڳتي وڌايو، هوءَ شاعري، ڪالم نگاري ۽ ڪهاڻي نويسي ذريعي سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ شخصيت هئي، سندن جنم 15 جون 1946ع تي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف، تعلقو ميرپور بٺورو ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم دڙو پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته وڌيڪ تعليم چانڊيا هاءِ اسڪول سجاول، سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي،آپا مريم مجيدي ڪيترن ئي سالن تائين تدريسي شعبي سان لاڳاپيل رهي ۽ خاص طور سنڌ جي نياڻين جي تعليم ۽ شعور جي واڌاري لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن شاعري ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو، محبت، درد، قومي شعور ۽ سماجي اڻبرابري خلاف مزاحمت نمايان نظر ايندي هئي، سندس مشهور ڪتابن ۾ سروم دکم دکم ۽ “نيرانا ئي نيڻ” شامل آهن، جڏهن ته سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ادبي خدمتن عيوض کين ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا هئا، آپا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ، سينيٽر سسئي پليجو ۽ سنڌي ادبي سنگت، اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو، سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، تعزيتي پيغامن ۾ چيو ويو ته آپا مريم مجيدي جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ تعليم جي دنيا لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، جيڪو سدائين محسوس ڪيو ويندو.

مريم مجيدي جو لاڏاڻو ادب ۽ قومي آواز جو وڏو نقصان آهي: نواز خان زئور

سجاول (ن ع آ) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته ناليواري شاعرا آپا مريم مجيدي جو لاڏاڻو صرف سنڌي ادب ۽ شاعري جي دنيا جو ئي نقصان ناهي، پر اهو سنڌ جي مجموعي قومي آواز جو نقصان آهي. مريم مجيدي روشن خيال، ترقي پسند، وطن دوست  ۽ قومپرست شاعر ھئي. سندس شاعري سنڌ جي قومي امنگن جي ترجمان هئي. جاري ڪيل بيان موجب نواز خان زئور چيو ته آپا مريم مجيدي کي قومي پارٽي پاران خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ھوءَ پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي خدمت ڪندي رهي ۽ تحرير توڙي تقرير وسيلي سنڌ جي مستقبل لاءِ آواز اٿاريندي رهي. جيڪا ڳالهھ سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکي ويندي. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته آپا مريم پنهنجي خانداني، ادبي ۽ قومي روايتن کي برقرار رکيو. هوءَ عظيم شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي هئي، پر ان جي باوجود هن جو پنهنجو منفرد ادبي ۽ شاعراڻو لهجو هو. هوءَ پنهنجي دؤر جي وڏن شاعرن مان هڪ هئي.

نامياري شاعرا مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي سگا جي مرڪزي قيادت پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي (پ ر)سنڌ جي نالي واري انقلابي، مزاحمتي ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي، نامياري تعليمي ماهر، شاعرا ۽ علمي شخصيت مريم مجيدي جي لاڏاڻي تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جي مرڪزي قيادت پاران گهري ڏک، افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو، سگا جي مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي، سيڪريٽري اطلاعات احمد حسن پنهور سميت مرڪزي اڳواڻن پنهنجي گڏيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته مريم مجيدي صاحبه جو لاڏاڻو نه رڳو مجيدي خاندان پر سڄي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تعليمي حلقن لاءِ هڪ وڏو ۽ ناقابلِ تلافي نقصان آهي. مرحومه پنهنجي علمي، ادبي ۽ تدريسي خدمتن وسيلي سماج ۾ شعور، فڪر ۽ ادب جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.

عوامي تحريڪ :مريم مجيدي ادب تعليم ۽ قومي سجاڳي لاءِ سگهارو آواز بلند ڪيو

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ ناليواري شاعرا مريم مجيدي جي وفات تي سندس پونئرن، وارثن، ادبي ساٿين ۽ سنڌ جي عوام سان دلي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪري ٿي.  عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر  ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ستار رند، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي نامياري شاعره، اديبه، تعليمي ماهر ۽ ترقي پسند شخصيت مريم مجيدي جي وفات جو ٻڌي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو. عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هن ڏک وارين گھڙين ۾ مريم مجيدي جي خاندان سان برابر جا شريڪ آهن. هنن چيو ته مريم مجيدي جي وڇوڙي سان سنڌ پنهنجي هڪ باوقار، باشعور ۽ جدوجهد ڪندڙ ڌيءَ کان محروم ٿي وئي آهي.  مريم مجيدي نه صرف ادب ۽ تعليم جي شعبي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون پر قومي سجاڳي، پاڻي، عورتن جي حقن، جمهوريت ۽ سنڌ جي قومي مسئلن بابت پڻ هميشه سگهارو آواز بلند ڪيو. مريم مجيدي، سنڌ جي ناليواري قومي شاعر ۽ دانشور محمد خان مجيدي جي نياڻي هئي.

آپا مريم جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ مزاحمتي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو سنڌ جي ناليواري شاعرہ ۽ ليکڪہ آپا مريم مجيدي جي اچانڪ وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آھي.ھن چيو ته  قومي  عوامي تحريڪ آپا مريم مجيدي جي ڏکويل خاندان سان ھن غم ۾ برابر جي شريڪ آھي. اياز لطيف چيو ته آپا مريم جو وڇوڙو سنڌي ادب، شاعري ۽ مزاحمتي دنيا لاءِ وڏو نقصان آهي۔ ھن چيو ته آپا مريم مجيدي جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ھميشه ياد رکيون وينديون. آپا مريم مجيدي پنھنجي شاعري ۽ لکڻين ۾ وطن جي خوشبو، محبت، درد ۽ سماجي شعور اجاگر ڪيو.ھن چيو ته آپا مريم مجيدي باوقار وطن دوست ۽ قوم دوست شخصيت هئي، ھن سڄي ڄمار ادب ۽ علم جي خدمت ڪئي. ھن چيو ته آپا مريم مجيدي جھڙيون شخصيتون قومن جو بيمثال سرمايو هونديون آهن ۽ سندن وڇوڙو انتھائي ڏکوئيندڙ آهي.آپا مريم مجيدي جون ادبي ۽ قومي خدمتون تاريخ ۾ زندھ رھنديون.

:

ورلڊ سنڌي ڪانگريس :مريم مجيدي سنڌ جي قومي فڪري اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

لنڊن( پ ر) سنڌ جي ناليواري شاعر, محمد خان مجيدي جي نياڻي، آپا مريم مجيدي جي وڇوڙي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪجي ٿو.آپا مريم مجيدي پنهنجي والد جي فڪر، ادب ۽ قومي  شعور جي واٽ جو سهڻو تسلسل هئي۔ پاڻ نه رڳو هڪ بهترين قومي شاعره هئي، پر هڪ باوقار تعليمدان طور پڻ سنڌي سماج جي فڪري ۽ ادبي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.سنڌ جي ارڏي نوجوانن، سرائي قربان کهاوڙ، روپلي چولياڻي ۽ ٻين جي ڪملهي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي هن لکيو هو،ضميرن جي صحيفن تي جڏهن چانڊاڻ جاڳي ٿي،اکين ۾ انقلابن جي تڏهن ڳاڙهاڻ جاڳي ٿي.بهارن جي بخيلي ڏس، هوائون بي هڳاءُ بڻيون.گلابن جي چمين سان پر، سڳنڌ سرهاڻ جاڳي ٿي.مسافر ڏينهن جا ماريا وڃن پيا واٽ اونداهه ۾انهن جي رت شهادت مان ڪٺل لالاڻ جاڳي ٿي.آپا مريم مجيدي جون ادبي، تعليمي ۽ قومي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.