پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا ۾ پهريون ڀيرو وڏو وزير ۽ گورنر صوبي جي حقن لاءِ هڪ پيج تي اچي ويا، صوبي کي ڪڻڪ جي فراهمي ۽ سي اين جي بندش واري معاملي تي سياسي اختلاف وساري گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو ، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي قومي جرڳا هال ۾ وڏي وزير سهيل خان آفريدي ۽ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي اسپيڪر بابر سليم سواتي ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله پڻ موجود هئا، وڏي وزير سهيل خان آفريدي چيو ته پنجاب حڪومت خيبرپختونخوا سان ظلم ڪري رهي آهي، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 151 تحت خوراڪ جي شين جي نقل و حمل تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي، وڏي وزير موجب خيبرپختونخوا جو غريب شهري پاڪستان ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو آهي، هن چيو ته صوبو 508 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پيدا ڪري رهيو آهي، پر ان باوجود سي اين جي اسٽيشنن کي گئس فراهم نٿي ڪئي وڃي،سهيل خان آفريدي چيو ته صوبي جي گئس جي ضرورت صرف 150 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، هن الزام لڳايو ته پنجاب اٽو بند ڪري قومي يڪجهتي کي نقصان پهچايو آهي، وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪام پاليسين جو بار خيبرپختونخوا حڪومت تي وڌو پيو وڃي، آئين جي آرٽيڪل 158 تحت جيڪو صوبو گئس پيدا ڪري، پهرين ان جون ضرورتون پوريون ٿيڻ گهرجن، سهيل آفريدي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن صوبي جي عوام کي وڌيڪ تنگ ڪيو ويو ته ماڻهو ڪنهن به فيصلي تي مجبور ٿي سگهن ٿا، هن دعويٰ ڪئي ته مداخلت ختم ڪري صوبائي حڪومت سان گڏ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته 100 ڏينهن اندر امن قائم ٿي سگهي ٿو، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪڻڪ جي فراهمي ۽ سي اين جي بندش خيبرپختونخوا جا اهم ترين مسئلا بڻجي چڪا آهن، هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته صوبي جي مسئلن تي ”شهباز اسپيڊ“ سان ڪم ڪيو وڃي، گورنر چيو ته هو ڪڻڪ ۽ سي اين جي معاملن تي عوام سان گڏ بيٺل آهن، سي اين جي بندش سان سڀ کان وڌيڪ غريب طبقو متاثر ٿي رهيو آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا 508 ايم ايم سي ايف ڊي گئس پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته استعمال صرف 150 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، سي اين جي بند ڪري آئين جي آرٽيڪل 158 ۽ 151 جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.