ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو آهي ته ملڪ ۾ مختلف ”پنڪيون“ گهمي رهيون آهن پر انهن تي اڃا تائين هٿ ڇو نه وڌو ويو آهي، فارم 47 ذريعي آيل بدبودار حڪمرانن ۽ ”پنڪي جي وارثن“ کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، خطرن جو رانديگر آصف علي زرداري اقتدار خاطر سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ ايوان ۾ ويٺل فارم 47 جا نمائندا 28هين آئيني ترميم ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا، اهو به ڏسڻ جهڙو هوندو، فنڪشنل ليگ هائوس ڪلفٽن ڪراچي ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبرشپ مهم جي شروعات ۽ مسلم ليگ ق جي مرڪزي سينيئر نائب صدر بابو غلام سرور سيال جي فنڪشنل ليگ ۾ شموليت جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيد صدر الدين شاهه راشدي چيو ته فنڪشنل ليگ جو پيغام ”متحد سنڌ، مضبوط پاڪستان“ آهي، جنهن کي گهر گهر تائين پهچايو ويندو، ملڪ ۾ اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته فيصلا اشارن تي ٿين ٿا، پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي ۽ ”اشارا ڏيندڙن جون به بدليون ٿي رهيون آهن، پير صاحب شاهه مردان شاهه هميشه چوندا هو ته اسان جي نسبت جي ايڇ ڪيو ڪيو سان آهي، پر هر محب وطن دراصل ادارن سان گڏ هوندو آهي، ملڪ سان جيڪو مذاق ٿيڻو هو ٿي چڪو، هاڻي سخت سنجيدگي جي ضرورت آهي، گهڻي زيادتي ٿي وئي، فيصلا ڪندڙن کي صحيح فيصلا ڪرڻا پوندا، تبديلي رنگ لائيندي، هن چيو ته 28هين آئيني ترميم کي پهريان سمجهڻ ضروري آهي، ان کان پوءِ ئي ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، آصف علي زرداري اقتدار خاطر سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، زرداري صاحب کي اوهان ڇا ٿا سمجهو، زرداري صاحب لاءِ مشهور آهي ته هڪ زرداري سڀني تي ڀاري، خطرن جو کلاڙي، جيڪڏهن کلاڙي آهي ته سٺي طريقي سان کيڏي، جيترا ڏينهن لکيل آهن، اوترا ڏينهن ته صدارتي محل ۾ ويهي، اسان ڇو چئو ته زرداري صاحب نه رهي، سائره بانو چيو ته فارم 47 ذريعي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي عوام کي حقيقي ترقي نه ملي آهي، جڏهن ته ڪرپشن پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي، هن الزام لڳايو ته سنڌ کي منشيات فروشن ۽ ڏوهاري مافيا جي حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ بدران نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن، جنهن سان نوجوان نسل جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، معظم خان عباسي چيو ته موجوده حڪمران سنڌ جي عوام کي نپوڙي رهيا آهن، سردار عبد الرحيم چيو ته جيستائين ملڪ ۾ حقيقي سياسي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ موثر امن امان قائم نه ٿيندو، تيستائين معاشي ۽ سماجي حالتون بهتر نه ٿينديون، محمد خان جوڻيجو چيو ته مشڪل حالتن ۾ عوام سان همدردي، حوصلا افزائي ۽ خلوص وارو رويو سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿو، فنڪشنل ليگ عوامي خدمت جي جذبي سان ميدان ۾ موجود آهي، بابو غلام سرور سيال چيو ته هو سياسي مافيا ۽ قبضي ڪندڙ گروهن خلاف جدوجهد ڪندو ۽ سنڌ ۾ متبادل سياسي قوت کي مضبوط بڻائيندو، پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام، قانون جي بالادستي ۽ شفاف نظام کان سواءِ نه معاشي بهتري ۽ ترقي ممڪن نه آهي.