ڪراچي جي سمورين 246 يونين ڪميٽين جي 3 سالن جي خاص مالي آڊٽ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کھڙو ڪراچي جي سمورين 246 يونين ڪميٽين جي 3 سالن جي خصوصي مالي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔ چيئرمين پي اي سي ڊي جي آڊٽ کي ڪراچي جي يوسيز جي خصوصي مالي آڊٽ جو حڪم ميئر ڪراچي مرتضي وھاب جي خط جي روشني ۾ ڏنو آهي۔پي اي سي چيئرمين ڪراچي جي سمورين يوسيز جي ماهوار او زي ٽي فنڊن جي استعمال، خرچن، ملازمن سميت پينشن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن۔ چيئرمين پي اي سي ڪراچي جي سمورن ٽائونن کان روڊ ڪٽنگ چارجز جا تفصيل پڻ طلب ڪري ورتا آهن۔واضح رهي ته ميئر ڪراچي مرتضیٰ وهاب پي اي سي چيئرمين کي ڪراچي جي سمورين 246 يونين ڪميٽين جي خصوصي مالي آڊٽ ڪرائڻ بابت خط لکيو هو۔ان سلسلي ۾ پي اي سي چيئرمين نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هر يوسي کي ماهوار 12 لک رپيا او زي ٽي فنڊ فراهم ڪري رهي آهي جڏھن ته ڪراچي جي 246 يوسيز کي ماهوار 29 ڪروڙ 52 لک رپيا او زي ٽي فنڊ ڏنا پيا وڃن پر يوسيز سنڌ حڪومت کان ملندڙ هر مهيني اھي فنڊ ڪٿي خرچ ڪري رهيون آهن، ان بابت ڪنهن کي ڪجهه معلوم ناهي۔ھن چيو ته يوسيز جي خصوصي مالي آڊٽ سان اهو معلوم ٿي سگهندو ته يوسيز جا فنڊ ڪٿي ۽ ڪهڙي مد ۾ خرچ ڪيا پيا وڃن. نثار احمد کهڙي  چيو ته سنڌ حڪومت ھيٺين سطح تي عوام جي بهتري لاءِ يوسيز کي فنڊ فراهم ڪري رهي آهي تنهن ڪري عوام جا پئسا عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن عوام جي بهتري لاءِ فراهم ڪيل فنڊن ۾ مالي بي ضابطگيون ثابت ٿيون ته ڪارروائي ڪئي ويندي۔ھن وڌيڪ چيو ته يوسيز جي مالي آڊٽ سان ھيٺين سطح تائين ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي۔ھن چيو ته ڪراچي جي ٽائونن کي روڊ ڪٽنگ چارجز جي مد ۾ اربين رپيا وصول ٿيا آهن ۽ اها رقم ڪٿي خرچ ٿي ان بابت ٽائون جواب ڏين۔ ھن چيو ته ڊي جي آڊٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ کاتي کي ڪراچي جي ٽائونن کان روڊ ڪٽنگ چارجز جا تفصيل وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.