ميهڙ/راڌڻ (رپورٽ: فراز چنا/ ھريش ڪمار)راڌڻ ڀرسان شاھ پنجو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ناري چانڊيو ۾ نوجوان نياڻي مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪئي وئي، نوجوان ناري جي قتل واقعي جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي فوري نوٽيس ورتو، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته شاھ پنجو پوليس کي اطلاع مليو ته اگھماڻي ڀرسان ڳوٺ ناري چانڊيو ۾ 20 سالن جي سومل چانڊيو کي مبينا طور سندس ويجهن مائٽن گڏجي غيرت جي نالي تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، واقعي بعد ايس ايس پي دادو فوري طور سخت قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي ايس ايچ او شاھ پنجو پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ڪرائم سين جو جائزو ورتو، پوليس مقتولا جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ميھڙ منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي مقتولا جي ڀاءُ گلزار ولد گلبهار چانڊيو ۽ مامو سليم چانڊيو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري رکيا ويا، واقعي جي ايف آءِ آر سرڪار جي فرياد تيداخل ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي دادو چيو آهي ته عورتن خلاف تشدد ۽ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ ڏوهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي.
نياڻي به منهنجي قتل ٿي ۽ پوليس اسان کي تنگ ڪري پئي: والد
ميهڙ: مقتولا ناري جي والد گلبھار چانڊيو نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي ڌيءَ سومل چانڊيو مٿان پنھنجي ئي ڳوٺ جي رڪشو ھلائيندڙ نوجوان عابد چانڊيو سان ڪارنھن جو الزام مڙهيو ويو ھو جنھن بعد رات دير سان عابد چانڊيو جا والدين اسان وٽ پاڪ ڪتاب کڻي آيا ھئا انھن جي واپسي بعد اسين سمھي پياسين جنھن بعد رات جو دير سان منھنجي سئوٽ جي پٽ علي اڪبر چانڊيو منھنجي نياڻي کي کڻي وڃي ان کي گھر ٻاھران گوليون ھڻي زخمي ڪيو ،ريسڪيو ايمبولينس لاءِ ڪجهه نه مليو، پوليس به نه پهتي، جنھن بعد منھنجي نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، پوليس صبح جو پهتي پوليس وري منھنجي پٽ گلزار کي به گرفتار ڪري منھنجو چوپايو مال به ڪاھي وئي، پوليس جو چوڻ ھو ته اوھان ملي ڪري ناري کي قتل ڪيو آھي ھن چيو ته نياڻي به منهنجي قتل ٿي آھي ۽ وري پوليس به اسان کي تنگ ڪري رھي آھي، جوابدار علي اڪبر چانڊيو ھڪ ئي آھي جيڪو منھنجي نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي.