سي ايس ايس جا اميدوار معياري مضمون لکڻ جي معيار تي پورا نٿا لهن:رپورٽ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سي ايس ايس جي امتحانن ۾ هر سال اميدوارن جي وڏي پيماني تي ناڪامي جي اصل سببن بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن قومي اسيمبلي ۾ تحريري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انگريزي ٻولي تي ڪمزور گرفت، فڪري وسعت جي کوٽ ۽ اختياري مضمونن جي غير مناسب چونڊ نوجوانن جي ناڪامي جا سڀ کان وڏا سبب آهن۔قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب سي ايس ايس جا اميدوار معياري مضمون لکڻ ۽ جامع خلاصو (پريسي) تيار ڪرڻ جي گهربل معيار تي پورو نٿا لهن۔ شاگردن ۾ پنهنجن خيالن کي مربوط، منظم ۽ واضح انداز ۾ پيش ڪرڻ جي صلاحيت تمام گهٽ آهي، جڏهن ته هو صحيح ۽ غلط معلومات ۾ فرق ڪرڻ ۾ به ڏکيائين جو شڪار آهن۔ سندن دليلن ۾ منطقي ترتيب جي بدران انتشار نمايان آهي۔اسٽيبلشمينٽ ڊويزن موجب هر سال لڳ ڀڳ ٻه سئو سيٽن لاءِ پچويهه کان ٽيهن هزار اميدوار امتحان ۾ شامل ٿين ٿا، جنهن جو مطلب آهي ته هڪ سيٽ لاءِ اوسطاً هڪ سئو پنجويهه کان هڪ سئو ٽيٽيهه اميدوارن جي وچ ۾ سخت مقابلو ٿئي ٿو۔دستاويز ۾ اها ڳڻتي به ظاهر ڪئي وئي آهي ته ڪيترائي نوجوان بغير ڪنهن تياري، مناسب حڪمت عملي ۽ عوامي پاليسي يا قومي معاملن جي سمجھ بوجھ کان سواءِ امتحان ۾ ويهن ٿا، جيڪا سندن ناڪامي جو بنيادي سبب بڻجي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.