بڊاڻي ۾ حادثي کان پوءِ شروع ٿيل خوني تڪرار جو نبيرو، 2 ڪروڙ 38 لک ڏنڊ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان بڊاڻي شھر ۾ ڀٽا ۽ بنگوار برادري وچ ۾ ڏيڊ سال اڳ گڏهه گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿيو، ٻنھي  ڌرين مٿان مجموعي طور ٻه 2 ڪروڙ  38 لک ڏنڊ وڌو ويو، ٻنھي ڌرين جا 6 خون ثابت ٿيا، خوني تڪرار جو ٺاهه چيف سردار غلام عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ڀٽا برادري طرفان سردار امير بخش ڀٽو، رئيس عطاءُ الله خان ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، بنگوار برادري طرفان سردار احمد خان بنگوار، سردار نياز علي بنگوار ۽ ٻين نبيري ۾ شرڪت ڪئي، نبيري جي سرپئنچ چيف سردار عابد سندراڻي ڌرين جا جدا جدا بيان ٻڌڻ بعد فتويٰ جاري ڪندي ڀٽا برادري جي چار خونن ۽ زخمين جا بنگوار ڌر مٿان ھڪ ڪروڙ 29 لک اسي هزار ڏنڊ رکيو، في خون جي  رقم بھا 25 لک مقرر ڪيو، اھڙي ٻنھي ڌرين مٿان ٽوٽل ٻه 2 ڪروڙ 38  لک ڏنڊ رکيو ويو، جڏهن ته بنگوار ڌر جا ٻه خون ۽ زخمي ملائي ٽوٽل ھڪ  ڪروڙ اٺ 8 لک ڪجهھ ھزار  ڏنڊ ڀٽا برادري جي ڌر مٿان ڏنڊ رکيو ويو، جڏهن ته ڏنڊ رقم ٻئي ڌريون ٽن قسطن اندر ڏنڊ جي رقم ادا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.