حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن اياز ميلو، جشن لطيف ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام سنڌ جو اھڃاڻ ۽ سڃاڻپ قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ روزانو نياڻيون قتل ٿين ٿيون. قومپرست پارٽين ۽ ٻين جماعتن کي خاموشي ٽوڙي اهڙين عورتن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھ خانه بدوش جي 11هين جشن خانه بدوش ۾ ڪيو. ان موقعي تي نامياري ليکڪا نورالھديٰ شاھ چيو ته امر سنڌو ۽ ڊاڪٽر عرفانه ملاح سماج پاران پٿر کائي اڃان به اڳتي وڌڻ رھيو آھن. اياز ميلو سنڌ کان ٻاهر خاص طور پنجاب ۾ اسان جو فخر آھي. هن چيو ته اياز ميلو پنھنجي ڌرتي سان جذباتي لڳاءُ آهي. ھتي اياز ميلي کان سواءِ ادبي رھاڻيون، آرٽ ۽ موسيقي جون محفلون رچايون وڃن ٿيون. ھتي ھر پليٽ فارم تي عورتون بيٺيون آهن. ھن چيو ته انسان مان انسان ٺاھڻ ۽ سماج ۾ اکين سان اکيون ملائي ڳالھائڻ سيکارڻ وڏي ڳالهه آهي.سنڌ ۾ نياڻيون قتل ٿين پيون پر اسان جو سماج خاموش آهي، قتلن کي تڏهن ھٿي ملندي آهي جڏهن ان کي اسٽيبلشمينٽ جي ڇوٽ هوندي آھي. سنڌ جي نياڻين جي قتل ماڻھن جي قتل غارت گيري تي ڪير نٿو ڳالهائي قوم پرست پارٽيون ۽ ٻيون جماعتون به خاموش آھن ھي بي حس بڻجي ويا آھن، ھاڻي خاموشي ٽٽڻ گھرجي، ھتي وڏيرا، جاگيردار ۽ مولوي سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهن. سنڌ ھاڻي اتي پھتي آھي جتي قاتل ۽ مقتول ھڪ ئي گھر ۾ موجود آهن. هن چيو ته خانه بدوش ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا اديب ايندا رھيا آھن. خانه بدوش جي اڱڻ تي شاگرد پڙھڻ ايندا آھن. شاگرد ھتي سڪون سان پڙھي پاس ٿيا آهن. ھن دور ۾ تعليمي ادارن ۾ به رضاڪار طور ڪو به نه ھوندو آھي. پر اياز ميلي ۾ سوين رضاڪار موجود ھوندا آھن. هن چيو ته 11 سالن کان سرڪار تنگ ڪندي چوي ٿي ته خانه بدوش خالي ڪريو. پر خانه بدوش کي ساھ کڻڻ ڏنو وڃي.خانه بدوش ۾ ادبي، تفريحي ۽ فڪري رهاڻيون ٿين ٿيون. جيستائين ادبي فڪري، فطري رهاڻيون ٿينديون. تسيتائين خانه بدوش هلندو رھندو. نامياري اديب ۽ ليکڪ ادل سومري چيو ته امر سنڌو ۽ عرفان ملاح خانه بدوش جو پھريون ڏيئو ٻاريو. سنڌي ادبي عورت شاخ جون ويھڪون خانه بدوش جي پليٽ فارم تي ٿئين ٿيون. ھن چيو ته اياز ميلو خانه بدوش جو سڃاڻپ بڻجي ويو آهي،ھر ڪلاڪار، اياز ميلي ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ چاھي ٿو. هن چيو ته اياز ميلي ۾ فڪري ويهڪ تي ڪيترائي ڪتاب ڇپائي سگھجن ٿا. نامياري اديب نصير مرزا سنڌ جي ماضي ۾ ٿيندڙ ادبي ۽ ثقافتي اجتماعن جو ذڪر ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد پاران شاھ عبداللطيف جا ميلا ۽ ان جون ادبي ڪانفرنسون. سنڌ مادر علمي ۾ ون يونٽ دوران ان خلاف ادبي شامون بزم صوفيا پاران سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ انقلابي مزاحمتي ڪھاڻيون پوءِ ادبي سنگت پاران سنڌي ٻولي ۽ پنھنجي حقن لاءِ ريليون ۽ ادبي گڏجاڻيون ٿيون، جن سنڌ ۾ سجاڳي جي وڏي لھر پيدا ڪئي. خانه بدوش جي پليٽ فارم تي اياز ميلي جي صورت ۾ راڳ جي محفل ميلي ۾ اياز جي نثري نظم تي ويھڪون ٿين ٿيون. خانه بدوش جي يارھين سالن جي سفر ۾ ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جون مھورتون به ٿيون. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته خانه بدوش جو يارھن سالن جو سفر اڃان تائين جاري آهي. يارهن سالن جي سڄي سفر جو ڪريڊٽ امر سنڌو ڏانهن وڃي ٿو. ھن چيو ته خانه بدوش کي بند ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سازشون ٿيون آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ روز ٽي لاش عورتن جا ملن ٿا. اتي سنڌ خاموش رھندي آھي. پر جيڪڏهن پنج عورتون ملي ويھن ٿيون ته سڄي سماج ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو. ھن چيو ته اڳي خانه بدوش جي اڱڻ تي اسان پنهنجي کيسي مان خرچ ڪندا ھئاسين. ھاڻي ھن دور ۾ پنهنجي کيسي مان ادبي ميڙاڪا ڪرڻ تمام گھڻو ڏکيو ٿي پيو آهي. اياز ميلي ۾ سنڌ سميت ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر جا ماڻهو اچن ٿا ۽ لکن جا ڪتاب وهڪرو ٿين ٿا. امر سنڌو چيو ته اياز ميلو ڪرڻ لاءِ اسان کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. ان ايونٽ کي برقرار رکڻ ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي کيسي مان پيسا ڏيڻا پوندا آهن ته جيئن هي ڪلچر سرگرمي برقرار رهي سگهي. هن چيو ته ادب آرٽ ۽ ڪلچر اهو واحد مورچو آهي. جيڪو تهذيبن کي بچائي ٿو. توهان ڏٺو ته ايران به هزارين سالن جي تهذيب واري نعري ذريعي جنگ فتح ڪئي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو تهذيبن سان پيار ڪندا آهن،اهي ڪڏهن به شڪست نٿا کائي سگهن. خانه بدوش ۾ ادبي. تحيقي ۽ تخليقي ويهڪون ٿين ٿيون. خانه بدوش ادب ۽ ثقافت جو اهم مورچو آهي ان جي تقريبن جو نچو کڻو ۽ ٻين سان ڀيٽايو ته خانه بدوش سڀ کان اڳيان اڳيان هوندو. هن چيو ته خانه بندوش جيڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندو رهي ٿو پر پوءِ به مختلف رخن کان اسان کي تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو. پر خانه بندوش کي جيستائين سنڌ جي ادبي ۽ فڪري سٿ جو ساٿ رهندو هي سفر جاري رهندو. ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته سنڌي ٻولي کان پاسو ڪرڻ سنڌ جي روح کان پاسو ڪرڻ آهي. خانه بدوش ڪنهن عمارت جو نالو ناهي. پر خانه بدوش ادبي، فڪري فطري ويھڪ ۽ رھاڻين جو نالو آهي. اياز ميلو ادبي فڪر جو نالو آهي،اياز ميلو خانه بدوش جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. خانہ بدوش نه صرف شاگردن پر نون شاعرن ۽ اديبن جو سکيا گھر آھي، ڊاڪٽر حسين مسرت آيل مھمانن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ناميارن فنڪارن عباس فقير،برڪت فقير،ثمينه ڪنول،عليزا،حفظه،مليھا ميمڻ ۽ ٻين سر وکيريا. جڏھن ته صوفي ستار ۽ افشان ميمڻ مختلف گيتن تي رقص ڪيو.