اسلام آباد(سعيد بلوچ) پي ٽي آءِ طرفان مختلف سياسي جماعتن کي پيغام ڏنو ويو هو، خاص طور تي فضل الرحمان ۽ ٻين ماڻهن کي به گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ مقصد اهو هو ته حڪومت تي دٻاءُ وڌايو وڃي ته جيئن عمران خان سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ سندس صحت واري معاملي تي حڪومت ڪجهه لچڪ ڏيکاري،جڏهن ته تحريڪ تحفظ پاڪستان ۽ مسلم ليگ نون حڪومت وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون هڪ ڀيرو ٻيهر ڊيڊ لاڪ جو شڪار ٿي ويون آهن پردي پٺيان ٿيندڙ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن هن وقت اسٽيبلشمينٽ 28هين آئيني ترميم ۾ ڦاٿل آهي۔ جيڪڏهن هن موقعي تي پي ٽي آءِ دٻاءُ وڌائي ۽ سوديبازي ڪري ته عمران خان سان ملاقات جو رستو ٻيهر کلي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته اها پي ٽي آءِ جي هڪ وڏي ڪاميابي هوندي، ٻئي طرف حالتون اهڙيون بڻجي رهيون آهن جو صدر آصف علي زرداري کي نااهل ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، بلاول ڀٽو،مريم نواز،نوازشريف ۽ ٻين سان “بي رحماڻو احتساب” ڪيو ويندو۔چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ساک بهتر ڪرڻ لاءِ ادارتي ردعمل ڏيکاريندي ته قرباني اهي ئي ماڻهو ڏيندا جيڪي ظلم ۾ شامل هئا۔ عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ شايد انهن کي مڪمل طور قربان ڪيو وڃي۔ڪنور دلشاد به چئي رهيو آهي ته نيب جا پراڻا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا، وڏا وڏا ماڻهو احتساب عدالتن ۾ پيش ٿيندا، ۽ ملڪ رياض جهڙن ماڻهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي۔هن چيو ته فوج جي عزت عوام جي نظرن ۾ بلند ڪرڻ لاءِ “بي رحماڻو احتساب” ضروري آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون ٻئي شامل هونديون۔ اهي ماڻهو جيڪي مسلم ليگ نون کي ووٽ ڏيندا هئا، هاڻي به چون ٿا ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي۔آخر ۾ محمود خان اچڪزئي نوازشريف کي چيو آهي ته “آئين بچايو، نه ته پاڪستان کي خطرو ٿي سگهي ٿو”۔ پر نواز شريف اڳتي نه ايندو، ڇو ته هو عمران خان جي مقبوليت جو مقابلو نٿو ڪري سگهي۔هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري خاندان صرف پنهنجي سياسي مستقبل کي بچائڻ چاهين ٿا، اسٽيبلشمينٽ ايس آءِ ايف سي کي وڌيڪ اختيار ڏئي هڪ ٻيو وارو گهري رهي آهي، جڏهن ته اها اڳ ئي ناڪام ٿي چڪي آهي۔