لاهور(بيورو+عوامي آواز نيوز)قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هن وقت 28هين آئيني ترميم بابت ڪا واضح اڳڀرائي يا اهڙا آثار نظر نٿا اچن۔لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت پهرين پنهنجي اتحادي پارٽين سان مشاورت ڪندي، ۽ انهن طرفان مثبت اشارا ملڻ بعد ئي وڌيڪ رهنمائي ۽ ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌندي۔هن واضح ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به آئيني ترميم کي صلاح مشوري کان سواءِ اڳتي نٿو وڌائي سگهجي، خاص طور تي جڏهن حڪومت مخلوط هجي، تنهن ڪري سڀني فيصلن ۾ اتفاقِ راءِ ضروري آهي۔وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ به 2009ع دوران مختلف سياسي جماعتن وچ ۾ اتفاقِ راءِ سان معاملا طئي ٿيا هئا، ۽ هاڻي به ساڳئي طريقي سان اڳتي وڌڻو پوندو۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن قومي مذاڪرو ٿيندو ته ان ذريعي به اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔اعظم نذير تارڙ موجب هن وقت صورتحال مڪمل طور واضح ناهي، ڇو ته ڪنهن به آئيني ترميم جا خد و خال ان جي مسودي سامهون اچڻ کان پوءِ ئي ظاهر ٿيندا آهن۔هن چيو ته وفاق کي درپيش ڪجهه مسئلن ۽ مختلف آئيني ۽ انتظامي معاملن تي سنجيده ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي۔وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته نيشنل فنانس ڪميشن ۾ به بنيادي ڌيان وڌندڙ آبادي تي آهي، جڏهن ته /ڏسو صفحو 7 ڪالم 7 سرائڪي صوبي سميت مختلف علائقائي ۽ صوبائي مطالبا به وقت بوقت غور هيٺ ايندا رهن ٿا۔سندس موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اڳواڻ مقامي حڪومتن کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ۽ وزيراعظم ان معاملي تي اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي۔