دفاعي خرچن ۽ قرضن جو ڪجهه بار صوبن کي منتقل ڪرڻ تي ڳالهيون هلن پيون:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ن ليگ جي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 28هين ترميم تي مشاورت جاري آهي،ٻاهرين قرضن،دفاعي خرچن کانپوءِ وفاق وٽ ڪجهه نٿو بچي،دفاعي خرچن ۽ قرضن جو ڪجهه بار صوبن کي منتقل ڪرڻ تي ڳالهه هلي رهي آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن کي ڏيڻ جي تجويز غورهيٺ آهي،آبادي جو معاملو صوبن کان وفاق حوالي ڪرڻ تي ڪافي حد تائين اتفاق ٿي چڪو آهي،آئنده آبادي جي بنياد تي صوبن جو حصو نه وڌندو،جيڪو صوبو آبادي تي ڪنٽرول ڪندو ان جو حصو وڌندو،هن چيو ته تعليم ۽ صحت جا شعبا به وفاق وٽ واپس اچڻ گهرجن،هن چيو ته ڪراچي،لائل پور،هزاره صوبن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نون صوبن جي ڳالهه هلي رهي آهي،اڃا تائين ان تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي،مڪاني نظام ۾ تبديلين تي ڳالهه ٿي رهي آهي،اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ گهرجن،هن چيو ته پ پ کان بغير ترميمون نٿيون ٿي سگهن،بلاول سان 28هين ترميم تي ڳالهيون نه ٿيون آهن پر جن اشوز جي اسان ڳالهه ڪريون ٿا ان جي کيس به چڱي ريت پروڙ آهي،هن کي به خبر آهي ته وفاق ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ غيرمنصفاڻي آهي،ان سلسلي ۾ پ پ پاران به تجويزون آهن،ٻي پاسي کان به تجويزون آهن ٽئين ڌر کان به سفارشون آهن،هن چيو ته جيستائين اتفاق راءِ نٿو ٿئي ڪنهن ترميم ڏانهن نه وڌي سگهنداسين،حڪومت ان حق ۾ ناهي ته اين ايف سي جو سڄو فارمولو ئي تبديل ڪيو وڃي،ڪو ٻيو طريقيڪار به ٿي سگهي ٿو،مثال طور دفاع رڳو وفاق لاءِ ته ناهي سڀني صوبن لاءِ آهي،انهن معاملن کي وقت کان اڳ ٽي وي تي بحث هيٺ مناسب ناهي،ترميمن تي ڳالهين لاءِ اعلان ڪرڻ جي ضرورت ناهي،مسودو تيار ٿيڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڪافي آهي،زراعت ۾ ڪهڙي بهتري آئي آهي؟ زراعت ۾ به ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي وفاقي سطح تي ئي ٿي سگهن ٿيون،ڪجهه اهڙيون وزارتون آهن جيڪي صوبن کي منتقل ڪرڻ باوجود وفاقي سطح تي انهن جو وجود برقرار آهي جيڪو نه هئڻ گهرجي،18 هين ترميم جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ ان جو جائزو وٺڻ ۾ ڪو حرج ناهي،هن چيو ته بي آءِ ايس پي صوبن حوالي سان ڪرڻ سان مرڪز کي ساڍا 700 ارب رپين جو رليف ملندو،نجڪاري جو عمل به سست آهي،هن چيو ته ووٽر جي عمر وڌائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي،هن چيو ته منهنجي خيال ۾ فوج بابت ڪا به شق نئين ترميم ۾ شامل نه هوندي،انهن بابت جيڪي به معاملا هئا اهي 27 هين ترميم ۾ اچي چڪا آهن،پارلياماني جمهوري نظام ئي پاڪستان لاءِ بهتر آهي،ڪجهه ماڻهو صدارتي نظام جي حق ۾ دليل ڏئي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.