نئين ترميمن کان بلاول جو انڪار،8 جون کان پوءِ نيب جا ڪيس کوليا ويندا؟

اسلام آباد (سجاد انور)28هين  ترميم بابت اسٽيبلشمينٽ مڪمل تياري ۾ آهي  فاروق ستار ميڊيا سان ڳالهائيندي واضح پيغام ڏنو ته پيپلز پارٽي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي، پيپلز پارٽي تي دٻاءُ تمام گهڻو وڌي ويو آهي۔ چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ آءِ ايس آءِ جو جيڪو ڪمانڊر نرم رويو رکندو  هو، ان کي هٽائي سخت طبيعت وارو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي۔ هاڻي “پنڪي انمول” وارو معاملو به پيپلز پارٽي جي ڳچيءَ ۾ وڌو ويندو۔ توهان پي ٽي آءِ کي دٻايو، ان کان چونڊ نشان ورتو، ان جا ووٽ ڳڻيا نه ويا، هاڻي ٻاهر ويهي جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اهي  هڪ قسم جي “ٽي ٽي پي لائٽ” بڻجي ويا آهن۔ روز ملٽري اسٽيبلشمينٽ کي للڪارين ٿا۔اهڙي ماحول ۾ باقي جيڪي سياسي قوتون بچيون آهن، انهن کي به غير مستحڪم ڪرڻ سان ملڪ ۾ نئين باهه لڳندي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي ختم به ڪيو وڃي، سنڌ مان هٽايو به وڃي، ايوان صدر به ورتو وڃي، ته ڇا پاڪستان جا بنيادي مسئلا حل ٿي ويندا؟ اصل سوال اهو آهي۔هاڻي جيڪا ڳالهه ٿي رهي آهي ته آئيني شقن ذريعي يا ريفرنڊم ذريعي صوبن جا اختيار تبديل ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو۔ ماضي ۾ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي چيو هو ته توهان آئين ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر پوءِ به هن کي سياسي جماعتن سان ڳالهائڻو پيو هو۔اهڙيون عارضي تبديليون ڊگهي وقت تائين نٿيون هلي سگهن۔ ملڪ اڳ ئي بحران ۾ آهي، عالمي سطح تي معاشي صورتحال خراب آهي، تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن۔ اهڙي وقت ۾ نئين سياسي ڇڪتاڻ ملڪ کي وڌيڪ ڪمزور ڪندي ۔فاروق ستار ۽ سندس پارٽي صرف ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته صوبائي حڪومتون مڪاني ادارن کي وڌيڪ فنڊ ڏين۔ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي، پر ڇا پنجاب ۾ به ائين ٿيندو، جتي مڪاني ادارا ئي موجود ناهن؟مولانا فضل الرحمان، پير پاڳارو ۽ ٻيا جيڪي پيپلز پارٽي مخالف ڌڙا آهن، انهن کي گڏ ڪري به ڇا پيپلز پارٽي کي عوامي سطح تي چئلينج ڪري سگهجي ٿو؟ ها، جيڪڏهن اليڪشن کي “مئنيج” ڪيو وڃي، جيئن پنجاب ۾ ٿيو، ته پوءِ ممڪن آهي۔ پر سنڌي ماڻهن جو مزاج مختلف آهي۔ هو پنهنجي سياسي حقن بابت تمام گهڻو حساس آهن۔هاڻي جيڪا “قومي حڪومت” جي ڳالهه هلي رهي آهي، ان ۾ فواد چوڌري، عمران اسماعيل، محمود مولوي، محمد علي دراني جهڙا ماڻهو آهن۔ اهي پارليامينٽ ۾ به ناهن، ۽ پي ٽي آءِ به انهن کي مڪمل طور پنهنجو نٿي مڃي هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا محمد علي دراني جهڙا ماڻهو عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ صلح ڪرائي سگهندا؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ شايد شهباز شريف جي حڪومت خطري ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته 28هين ترميم 8 جون کان اڳ پاس نه ٿي سگهندي۔ اڃا ٽي هفتا آهن، ۽ اهڙين ترميمن لاءِ گهڻي مشاورت کپي۔ پيپلز پارٽي ته اڃا ڳالهين ۾ به شامل ناهي ٿي۔8جون کان پوءِ شايد سنڌ ۾ نئين سياسي ڪهاڻي شروع ٿئي۔ جيڪڏهن پيپلز پارٽي خلاف نوان ڪيس ٺهيا، جيئن ماضي ۾ رحيل شريف جي دور ۾ ٿيو هو، ته پوءِ ڪيترائي اڳواڻ دبئي هليا ويندا هئا، ته اهڙي صورتحال وري پيدا ٿي سگهي ٿي۔ٻئي پاسي بلاول ڀٽو ڪيترين ڳالهين تي پنهنجي والد کان مختلف راءِ رکي ٿو۔بلاول جو موقف آهي ته هن پارليامينٽ مان جيتريون ترميمون ٿيڻيون هيون، ٿي چڪيون۔ هاڻي وڌيڪ ترميمون ايندڙ پارليامينٽ تي ڇڏڻ گهرجن۔صدر  زرداري شايد ڪجهه ڳالهين تي راضي ٿئي، پر بلاول هر ڳالهه نه مڃيندو۔هاڻي عوام جو اصل مسئلو مهانگائي آهي۔ آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب هاڻي پيٽرول، گيس ۽ بجلي تي ڪا سبسڊي نه ملندي۔ ٽيڪس وصولي ۾ 683 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا عوام کان وڌيڪ بلن ذريعي وصول ڪئي ويندي۔ پاڪستان ۾ هر ٻيو ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ آهي۔ گذريل ڇهن سالن ۾ معيشت اهڙي نموني هلي آهي، جو ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن۔ بجلي، گيس ۽ پيٽرول اڳ ئي عوام جي چيلهه ٽوڙي چڪا آهن۔هاڻي حڪومت اهو بار عوام تي وڌيڪ وڌائيندي۔ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي هٽائڻ جون به ڳالهيون هلي رهيون آهن، پر مسئلو شخصيتن جو نه، سڄي معاشي ڍانچي جو آهي۔ پاڪستان جو اصل مسئلو سياسي جماعتن کي دٻائڻ نه، پر سماجي ۽ معاشي تباهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.