پ پ جا ڏينهن ڳڻجي ويا،فيلڊ مارشل کي ترميم ذريعي صدر بڻايو وڃي:ڪنور دلشاد

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد چيو آهي ته پ پ جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن،پ پ کي پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون رڳو 6 سيٽون مليون آهن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حڪومت کي سادي اڪثريت ملي وئي آهي،هاڻي انهن کي پ پ جي حمايت جي ضرورت ناهي،هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ نوازشريف” نظريه ضرورت “تحت زرداري سان هٿ ملايو هو،جنهن ۾ ٻه گورنريون، چيئرمين سينيٽ ۽ زرداري پاڻ صدر به بڻجي ويو،هن چيو ته پنجاب جي گورنر کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويندو،مريم نواز پنهنجي پارٽي جي گورنر جو مطالبو ڪندي، زرداري صدر رهڻ باوجود به محدود ٿي ويندو،18هين ترميم ختم ٿي ته امڪان آهي ته زرداري اتحاد مان نڪري  وڃي،نئون سيٽ اپ اچي ويندو،2026ع جي آخر ۾ نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون هوڏانهن هڪ يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي هن چيو ته هن چيو ته  رياست ۽ ملڪ جي مفاد ۾ اهو آهي ته فيلڊ مارشل کي آئيني ترميم ذريعي پاڪستان جو صدر بڻايو وڃي، مڪمل اختيارن سان. اهڙي صورت ۾ معيشت به ٺيڪ ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي معاملن تي به مضبوط گرفت اچي سگهي ٿي. عالمي حالتون به اهڙي قيادت جي ضرورت ڏيکارين ٿيون. اهڙي طرح سڀ اختيار گڏ ٿي وڃن ته ملڪ جي تقدير بدلجي سگهي ٿي،هن چيو ته ارڙهين ترميم ۾ وفاق جا ڪيترائي اختيار صوبن ڏانهن هليا ويا، جنهن سان وفاق ڪمزور ٿيو ۽ صوبن کي وڌيڪ طاقت ملي. ان جو نتيجو اهو ٿيو ته بدعنواني جا مسئلا وڌيا. هاڻي ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته صحت، تعليم، خانداني منصوبابندي جهڙا وڏا شعبا واپس وفاق وٽ اچن.پر زرداري جي پارٽي ان جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته اسان ارڙهين ترميم ۾ ڪا به تبديلي قبول نه ڪنداسين. ايوان صدر ۾ به جيڪي ميٽنگون ٿيون آهن، انهن ۾ به اهو ئي موقف سامهون آيو آهي ته اسان ڪنهن به قسم جي ريويو يا تبديلي کي قبول نه ڪنداسين.هن چيو ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي اهو ڪم ڪرڻو پوندو. ۽ جڏهن اختيار واپس ورتا ويندا ته پوءِ زرداري لاءِ صورتحال مشڪل ٿي سگهي ٿي، ۽ ٿي سگهي ٿو هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،هن چيو ته سياست ۾ ڪجهه به ناممڪن ناهي. سڀ ڪجهه طاقت جي توازن تي دارومدار رکي ٿو.صدر جو عهدو خالي ٿي وڃي ته پوءِ آئيني طريقي سان چونڊ ٿيندي يا عبوري بندوبست ٿيندو. پر ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هڪ مضبوط شخصيت کي ئي صدر بڻائڻ گهرجي جيئن اڳ ايوب خان جي دور ۾ ٿيو هو.هن چيو ته عالمي طاقتون به اهڙي شخصيت سان سڌو ڪم ڪنديون آهن. چين، آمريڪا، سعودي عرب، ايران، ترڪي وغيره سڀ اهڙي قيادت ڏانهن ڏسندا آهن. ان سان سيڙپڪاري به وڌي سگهي ٿي.هن چيو ته جيڪڏهن اهڙو بندوبست ٿيو ته موجوده صدر لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هو اڳ ئي عمر ۽ صحت جي لحاظ کان ڪمزور آهن. سياسي صورتحال بدلجي سگهي ٿي.هن چيو ته  بلاول پارٽي جو نوجوان اڳواڻ آهي، پر اندروني اختلاف آهن. ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته هو اڳتي هلي وڏو عهدو سنڀالي، پر هر ڪو ان تي متفق ناهي. بلاول پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين آهي، جڏهن ته پارلياماني ونگ ۾ به سندس ڪردار آهي، پر قانوني ۽ سياسي رڪاوٽون موجود آهن،بلاول جو معاملو نازڪ آهي هو منٽن ۾ نااهل ٿي سگهي ٿو،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان هن وقت ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن جو فيصلو عدالتون ڪنديون. جيئن تاريخ ۾ شيخ مجيب الرحمان جو معاملو به عدالتن ۽ سياسي حالتن مان گذريو، اهڙي طرح هتي به فيصلا عدالتن ۾ ٿيندا. سياسي جماعتن جو حتمي فيصلو هتي نه ٿيندو.هن چيو ته ملڪ هن وقت سياسي، معاشي ۽ اداري سطح تي وڏي تبديلي جي دور مان گذري رهيو آهي. ايندڙ ڪجهه هفتا ۽ مهينا انتهائي اهم هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.