ميرپورخاص(رپورٽ:غفاررند) ميرپورخاص لڳ بلوچ آباد جي حيدري اسٽاپ ويجھو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان منير شر ولد مينھل مرڻينگ ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال نيو پي ويو ته زخمي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، تعلقي ٿاڻي جي پوليس لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏي جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جي نوجوان جي قتل ٿيڻ واري واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ چڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ علائقي ۾ ٻنهي ڌرين پاران مورچا بند ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته علائقي واسين ٻڌايو ته جھيڙي جو سبب بجلي چوري آهي.