ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ مشڪوڪ ڏيتي ليتي تي آءِ ايم ايف کي ڳڻتي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) آءِ ايم ايف  ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ مشڪوڪ ڏيتي ليتي بابت شڪايتن جي رپورٽن ۾ گهٽتائي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي واپار وسيلي ٿيندڙ مني لانڊرنگ تي ضابطو آڻڻ ۽  قانوني ادارن جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ اصل مالڪن بابت ڄاڻ جي ڏي وٺ يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔تفصيل موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته ريئل اسٽيٽ شعبي سان لاڳاپيل مشڪوڪ ٽرانزيڪشن رپورٽن جي گهٽ شرح واري مسئلي کي حل ڪيو وڃي، واپار وسيلي وڌندڙ مني لانڊرنگ تي ضابطو آندو وڃي ۽ قانوني ادارن جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ اصل مالڪن بابت معلومات جي ڏي وٺ يقيني بڻائي وڃي۔ آءِ ايم ايف نشاندهي ڪئي آهي ته نامزد غير مالياتي ڪاروباري ادارن ۽ پيشن سان لاڳاپيل شعبن مان مشڪوڪ ٽرانزيڪشن رپورٽن جو انگ تمام گهٽ آهي، جڏهن ته عام تاثر آهي ته ملڪ ۾ ٽيڪس چوري جو پئسو ۽ غير قانوني دولت ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ لڳائي وڃي رهي آهي،ايف بي آر تازو ئي وڪري ۽ آمدني لڪائڻ جي الزامن هيٺ ريئل اسٽيٽ جي ٻن وڏين سوسائٽين تي ڇاپا هنيا هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.