سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي متاثر شاگردن ۽ سول سوسائٽي پاران اڄ مظاهري جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي متاثر شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جي گڏجاڻي خانه بدوش ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ 13 مئي 2026 تي دائودپوٽا لائيبريري کان ريلي ڪڍي ڪميشن جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ شاگردن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته اڄ اربع جي ڏينھن حيدرآباد ۾ صبح جو 11 وڳي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج رکيو ويو آھي. اسين سنڌ جي سمورن شاگردن، استادن، شاگرد تنظيمن، سياسي ڪارڪنن،  وڪيل اڳواڻن ۽ سماج جي ھر طبقي سان تعلق رکندڙ اڳواڻن کي ھن احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿو. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته مظاهري ۾  مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن کي دعوت ڏني وئي آھي. گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته ڪميشن جي نتيجن ۾ اهل اميدوارن سان وڏي ناانصافي ٿي رهي آهي. ميرٽ جي لتاڙ ڪري پنهنجانواز پاليسي اختياري ڪئي پئي وڃي. جنهن ڪري هوشيار شاگردن ۾ مايوس پکڙجي رهي آهي. اهڙي ناانصافي کي برداشت نه ڪيو ويندو. جتستائين ميرٽ بحال نه ٿيندي احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي. اڄ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف پرپور احتجاج ڪيو ويندو. جنهن ۾ سول سوسائٽي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو آهي.

پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد جمع

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد  جمع ڪرائي وئي آهي ۽ جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سنڌ اسيمبلي ميمبر معاذ محبوب چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2026 جا نتيجا اچڻ کان پوءِ ميرٽ تي ڀروسو ڪندڙ نوجوان سخت احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪراچي کان وٺي ڪشمور ۽ حيدرآباد تائين سڀ نوجوان سراپا احتجاج آهن۔هن ٻڌايو ته 1100 اميدوارن ٽيسٽ ڏنو، جن مان صرف 70 پاس ٿيا. جيڪڏهن اهي سڀ 70 واقعي ميرٽ تي پاس ٿين ها ته اسان هي قرارداد جمع نه ڪرائين ها، پر انهن ۾ بااثر سياسي شخصيتن، وڏيرن، زميندارن ۽ آفيسرن جا پٽ ۽ ڀائٽا شامل آهن۔هن اهو به الزام لڳايو ته لسٽ ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي سي ايس ايس جي امتحان ۾ 7 کان 8 پيپرز ۾ فيل ٿيا هئا، پر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ کين پاس ڪيو ويو۔معاذ محبوب چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل ٿي رهيو آهي، ۽ جيڪو واحد ميرٽ جو نظام هو، حڪمرانن ان کي به متاثر ڪري ڇڏيو آهي۔ اسان جو مطالبو آهي ته هن سڄي نتيجي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ٻيهر شفاف جاچ ڪئي وڃي۔

باجاري يا چنا ميرٽ تي هجن ته حق تلفي نه ٿيڻ گهرجي:ناصر شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)صوبائي وزير ناصر شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معاملي تي  چيو  آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار هڪ پيپر ۾ ڪجهه گهٽ نمبر ورتا آهن ته سڀ ماڻهو ان معاملي کي وڌائي پيش ڪرڻ لڳن ٿا، جڏهن ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي،رشيد چنا جو پٽ ٻاهريان پڙهي آيو آهي مان هن کي چوندس ته سندس پيپر توهان آڏو شيئر ڪري، هن وڌيڪ چيو ته “مون ڪالهه اها ڳالهه ڪئي ته منهنجو پٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ناڪام ٿي ويو، ته ماڻهو چون ٿا ته اها  رڳو هوائي ڳالهه آهي، ان جو ڪهڙو ثبوت آهي؟ مان اهو ثبوت اوهان سان شيئر ڪري سگهان ٿو۔ مون اها ڳالهه ان ڪري ڪئي، ڇو ته پبلڪ سروس ڪميشن بابت ڪيترائي مسئلا اجاگر ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته هتي ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي،ناصر حسين شاهه چيو ته “جيڪڏهن ڪنهن سان ناانصافي ٿي آهي يا ڪنهن جو حق ماريو ويو آهي ته ان لاءِ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته اهي ضرور آندا وڃن۔ پر جيڪي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ميرٽ تي ڪامياب ٿيا آهن، انهن جي ڪاميابي کي بنا سبب تڪراري نه بڻايو وڃي،هن چيو ته باجاري جوڀائيٽو پهرين امتحان ۾ هڪ پيپر ۾ فيل ٿيو هو هن ٻيهر امتحان ڏنو آهي،هن وڌيڪ چيو ته “منهنجو مقصد اهو ناهي ته مان سئو سيڪڙو مطمئن آهيان، پر منهنجو چوڻ رڳو اهو آهي ته بنا ثبوتن جي الزام نه لڳايا وڃن۔ هڪ خاڪروب جو پٽ به ڪامياب ٿيو آهي، هڪ ريلوي انجڻ ڊرائيور جو پٽ به ڪامياب ٿيو آهي۔ تنهن ڪري جڏهن رپورٽنگ ڪئي وڃي ته ٻنهي پاسن کي سامهون رکيو وڃي، هن چيو ته ٻارهن مئي جو ڏينهن اوهان کي ياد آهي؟ اهو اسان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو، ڪراچي ۾ دهشتگردي ڦهلائي وئي۔ هر سال ٻارهن مئي تي انهن شهيدن ۽ مظلومن جي ياد ۾ احتجاج به ڪيو ويندو آهي، ان واقعي بابت تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون، پر اڃا تائين اهڙو عمل نه ٿي سگهيو يا اهڙيون سزائون نه مليون، جيڪي ملڻ گهرجن ها۔

احتجاج ڪندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو:سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انتظاميا پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ واضع ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن  ڪنهن به اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته لکت ۾ ڪميشن کي شڪايت ڪري سگهي ٿو. اهڙي شڪايت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. پر احتجاج جو رستو اختيار ڪرڻ ۽ ڪميشن جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ سان آفيس جو ڪم ڪار متاثر ٿئي ٿو ۽ ورڪرن ۾ خوف حراس پکڙجي ٿو. تنهن ڪري ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪندڙن خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. واضح ته ڪميشن جي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ لاءِ اتساهڻ وارو الزام مڙهي ڪميشن جي انتظاميا ٽن وي لاگرن خلاف ڪيس به داخل ڪرائي چڪي آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ناانصافيون پئي ڪري : ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد (پ ر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميرٽ جي لتاڙ ڪئي آھي اھل نوجوان کي فيل ڪري نااھل اميدوارن کي پاس ڪيو ويو جيڪا سنڌ جي نوجوانن سان وڏي ناجائزي ۽ مذاق  آهي اسان نوجوانن سان گڏ آھيون اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پريس ريليز جاري ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي بازار گرم آهي ھر اداري ۾ ڪرپشن آھي تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ سنڌ جي نوجوانن سان ناجائزي ۽ ظلم ڪيو ويو آهي جيڪي  غريب مسڪين جا ٻچا وڏي محنت ۽ وڏا خرچ ڪري تعليم حاصل ڪن ٿا ڊگريون حاصل ڪن ٿا انھن سان وڏي ناجائزي آهي.

سنڌ ۾ ميرٽ جو مطلب پئسو آهي:حسيب جمالي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) هاءِ ڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي چيو آهي ته سنڌ کي پيپلز هڪ اهڙي رياست بڻائي ڇڏيو آهي جتي هر شئي وڪري لاءِ موجود آهي،ايستائين جو نوجوانن جو مستقبل به وڪرو ٿي رهيو آهي،هن چيو ته هاڻي ميرٽ جو نالو پئسو ۽ سفارش ٿي ويو آهي،منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ ميرٽ جو تعارف ئي تبديل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن جو آسرو ئي ختم ٿي وڃي ته هتي ڪو ڪم ايمانداري سان به ٿئي ٿو،هن چيو ته جيتري ڪرپشن هن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿي رهي آهي اڳ ڪڏهن نه  هئي،توهان جو جائز ناجائز ڪم پئسن سان ٿي وڃي ٿو،سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻايو ويوآهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.