ٻيهر حملو ڪيو ويو ته ايران 90 سيڪڙو يورينيم رچائڻ شروع ڪندو : ايراني پارليامينٽ

تهران(م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ڪميٽي جي ترجمان ابراهيم رضائي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران تي ٻيهر حملو ڪيو ويو ته ملڪ 90 سيڪڙو يورينيم افزودگي ڏانهن  وڌي سگهي ٿو. هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته ايران تي ٻئي حملي جي صورت ۾ اسان جي اختيارن مان هڪ 90 سيڪڙو افزودگي ٿي سگهي ٿي ۽ ان جو پارليامينٽ ۾ جائزو ورتو پيو وڃي. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آمريڪا وٽ ايراني عوام جي حقن کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به آپشن ناهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، باقر قاليباف چيو ته "14 نقطن واري تجويز ۾ بيان ڪيل ايراني عوام جي حقن کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو به متبادل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻيو هر طريقو مڪمل طور تي بيڪار ثابت ٿيندو ۽ ناڪامين کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪندو. باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا جيترو وڌيڪ دير ڪندو، اوترو ئي وڌيڪ آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.