اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن خلاف زير ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال ۽ گهرو وزارت جي معاملن بابت اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا.هن واضح هدايت ڏني ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪرپشن خلاف صفر برداشت پاليسي تي مڪمل سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ايف آءِ اي سميت گهرو وزارت جي ماتحت سڀني ادارن ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون وڃن.وزيراعظم چيو ته جديد سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اهلڪارن کي جديد تربيت ۽ مهارتون ڏنيون وڃن. هن اهو به هدايت ڏني ته ادارن کي جديد اوزار، ٽيڪنالاجي ۽ پيشه ورانه سامان فراهم ڪيو وڃي.اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ تعمير هيٺ جيل فعال ٿي ويندو.گهرو وزير اجلاس کي ايف آءِ اي ۽ اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان کان علاوه اين سي سي آءِ اي، ايف سي، سي ڊي اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، وزير مملڪت طلال چوڌري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهه پڻ شريڪ ٿيا.