اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناالله جمعيت علماء اسلام پاڪستان جي سينيٽر مولانا عطا الرحمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته دهشتگرد ڀارت جي فنڊنگ ۽ اسرائيلي ٽريننگ سان ناپاڪ ڪارروايون ڪري رهيا آهن. سينيٽ ۾ خطاب ڪندي جم چيو ته مولانا عطا الرحمان جي حب الوطني تي ڪو به شڪ ناهي، خيبرپختونخوا 4 ڪروڙ 85 لک محب وطن پاڪستانين جو صوبو آهي، اهو ملڪ کان الڳ ڪٿي وڃي رهيو آهي؟ ڪهڙي طرف وڃي ٿو؟ ڇا پاڪستان کي ٽوڙي ڪنهن ٻئي ملڪ سان شامل ڪرڻ چاهيو ٿا؟هن سوال ڪيو ته ڇا 7 کان 8 هزار گمراهه ماڻهو جيڪي اتي دهشتگردي جي ٽريننگ وٺي رهيا آهن، انهن کي هندستان ۽ اسرائيل ٽريننگ ڏئي رهيا آهن ۽ فنڊنگ هندستان ڪري رهيو آهي؟هن چيو ته ڇا بلوچستان جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پنجاب يا سنڌ جا ٻار پڙهي رهيا هئا؟ توهان جا سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر ان کي دهشتگردي سان نه جوڙيو وڃي.هن چيو ته وزيراعظم ٽي ڀيرا ايوان ۾ چيو آهي ته اچو گڏ ويهي ڳالهايون، جيڪڏهن اوهان اسپيڪر چيمبر ۾ به ڳالهائڻ چاهيو ته اهو به ممڪن آهي.هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ڀارت ۽ اسرائيل کان ٽريننگ وٺندڙ جيڪڏهن مطالبا ڪن ٿا ته ڪنهن کي آزاد ڪيو وڃي، ته پوءِ صورتحال واضح ڪئي وڃي.هن چيو ته دهشتگرد ڀارتي فنڊنگ ۽ اسرائيلي ٽريننگ سان ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پر جيڪڏهن انهن معاملن کي سياست سان ڳنڍيو ويو ته مسئلا وڌي سگهن ٿا.هن چيو ته وزيراعظم افغانستان کي صاف لفظن ۾ چيو آهي ته يا ته دهشتگردي يا پاڪستان مان هڪ چونڊيو. جيڪڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردي ٿي ته افغانستان ۾ ٽريننگ ڪيمپون نشانو بڻبيون رهنديون.رانا ثناالله آخر ۾ چيو ته انهن دهشتگردن جا ڪي به سياسي مطالبا ناهن، اهي رڳو پاڪستان جا دشمن آهن.