18هين ترميم ۽ اين ايف سي سان هٿ چراند برداشت نه ڪبي:راشد محمود سومرو

سکر/ٽنڊوالهيار(رپورٽر+حسرت لغاري)  جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته ملڪ جي آئين ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 18هين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ خلاف ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪيو ويندو۔ اهڙي پريس رليز جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري ميڊيا کي جاري ڪئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي، جڏهن ته ٻي طرف  پنجاب غير قانوني سي جي ڪينال ۽ ٽي پي لنڪ ڪينال کولي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا راشد محمود سومري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عالمن کي گولين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهي واقعا بند ٿيڻ گهرجن ۽ ملوث ماڻھن کي ڪيفر ڪردار تي پهچايو وڃي. جنگ ايران ۾ پئي هلي پر مهانگائي جا بم پاڪستان جي عوام تي پيا ڪيرايا وڃن. جي يو آء پاران خميس ڏهاڙي 14 مئي تي ڪراچي ۾ منگهوپير، ناظم آباد روڊ تي جي يو آء پاران ڀرپور طاقت جي مظاهري جو اعلان ڪيو ھن چيو  ته صحافين جي سوال تي حڪومتي نمائيندا ڪاوڙ ٿا ڪن، نيب جي سرگرم ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿي پيو آھي؟ 70 ڪروڙن جي ڪڻڪ جا اسڪينڊل سميت 8 کان 9 سالن جا فائل نيب وٽ پيل آهن پر نتيجو ٻڙي آھي. ان موقعي تي مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مولانا دوست محمد فاروقي، مولانا عبدالشڪور ٿيٻو، مولانا عتيق الرحمان ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.