ٻٽو بلدياتي نظام آڻي صوبائي حيثيت ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن:زين شاهه

ٺٽو/مڪلي(رپورٽ: منصور جلالاڻي/اياز جلالاڻي) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 28هين امڪاني آئيني ترميم ذريعي نوان صوبا ٺاهي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سميت سنڌ ۾ بُک بدحالي، بيروزگاري، سنڌودرياءُ تي ڌاڙي، پيداواري وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ خلاف عيد  کانپوءِ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ۽  واضع ڪيو ويو آھي ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل سموريون قومپرست سياسي جماعتون سنڌ جي مفادن خلاف وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينديون. مڪلي تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ميزباني ھيٺ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قومي ڪانفرنس ۾ ايس يو پي جي سربراھ سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڻي جي ڌاڙي، معدنيات جي ڦرلٽ ۽ ملڪ دشمن آئيني ترميمن ۾ شامل آھي، عدالتن جو ٻيڙو ٻوڙڻ کانپوءِ ٻٽو بلدياتي نظام آڻڻ جون تياريون ٿي رھيون آھن، حڪمران جماعتون پاڻي جي جدوجھد ۾ وقتي شڪست بعد صوبائي حيثيت کي ختم ڪرڻ جون سازشون رٿيون پيون وڃن. سنڌ کي نقصان پھچائڻ جي ڪا ڪوشش ٿي رھي آھي تھ تاريخي وطن سنڌ جو ماڻھو سخت مزاحمت ڪندو، سنڌ کي انتظامي ۽ جاگرافيائي سطع تي ورھائڻ جي ڪوششن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو. هن چيو ته  26ھين ۽ 27ھين آئيني ترميم ذريعي عدالتن سميت عام ماڻھو کان آزادي جو حق کسيو ويو آھي. سنڌ جو ڪرپٽ سياستدان ۽ ڪرپٽ بيورو ڪريسي سنڌ کي تباھي طرف وٺي وڃي رھيا آھن جن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، سنڌ جو سمنڊ، درياءُ ۽ وسيلا کپائيندڙن خلاف ھڪ ٿيڻو پوندو، ديسي دلال جو گھيراءُ ڪرڻو پوندو، ايم اين اي ۽ ايم پي اي آڏو ڪارا جھنڊا کڻي احتجاج ڪرڻو پوندو، بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻو پوندو. ملڪي ليول تي سياست تي پابندي پيل آھي، جعلي اليڪشن خلاف پاڪستان تحريڪ تحفظ آئين جي پليٽ فارم تان جدوجھد ڪري رھيا آھيون، سنڌ ۾ غيرتمندن کي ماريو پيو وڃي ۽ دلالن ۽ چمچن جي فارمنگ ٿي رھي آھي، اڳي ڪڪڙن جي فارمنگ ٿيندي ھئي پر ھاڻي چمچن ۽ دلالن جي فارمنگ ٿي رھي آھي، جسقم (بشير خان) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اشرف پليجو، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ نثار لغاري، اي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ خادم ٽالپر، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ياسمين شاھ، صوفي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ بدر چنا، قومپرست اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، پنهل ساريو، قادر بخش زنئور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گرين پاڪستان منصوبي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي.. سنڌ جي زمينن تي والار ڪري ڌارين کي آباد ڪرايو پيو وڃي ڪوهستان ۽ سامونڊي پٽي کان ويندي ڪشمور جي ڪچي تائين لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي پيداواري وسيلن تي قبضا ڪري سامونڊي ٻيٽ قبضي هيٺ آندا پيا وڃن. هنن چيو ته هڪ طرف سنڌو درياءُ تي ڌاڙا هڻي ان کي قيد ڪري قدرتي وهڪرا بند ڪري غير قانوني طور سنڌو درياءُ جي پاڻي جي رستاروڪ ڪئي پئي وڃي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جي انڊس ڊيلٽا جي صورتحال خطرناڪ بڻجي وئي آھي هنن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي انتها ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌ جي اهل ۽ بي پهچ نوجوانن جي ميرٽ جي کلي عام لتاڙ ڪري من پسند ۽ نااهل اميدوارن کي پاس ڪرايو پيو وڃي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قومي ڪانفرنس ۾ گڏيل طور تي قراردادون پيش ڪري گُھر ڪئي وئي ته سنڌ سميت ملڪ مان گرفتار سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، عمران خان علي وزير ماهه رنگ بلوچ ايمان مزاري ارباب ڀيل ياسمين راشد سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري جبري طور گم ڪيل ماڻھن کي  آزاد ڪيو وڃي ۽ 26 هين ۽ 27 هين ترميم کي قومي ڪانفرنس پاران رد ڪندي ۽ صحافت جي آزادي لاءِ فوري طور پيڪا آرڊيننس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جڏھن ته افغانين سميت سنڌ مان ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏيارڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.