اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽرول جي قيمتن ۾ بي رحم واڌ خلاف جمعي 15 مئي تي اسلام آباد ۾ وڏي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.وفاقي راڄڌاني ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن اعلان ڪيو ته هو ذاتي طور تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندو ۽ ان موقعي تي مستقبل لاءِ لائحه عمل ڏيندو. هنن چيو ته وفاقي راڄڌاني ۾ غريبن جي ڪچين آبادين کي ڊاٿو پيو وڃي ۽ اشرافيه لاءِ غير قانوني طور تي ٺهيل ٽوئن ٽاورز ٺهيل آهن. اهو نه رڳو اسان جي حڪمرانن تي پر انصاف جي نظام کي هلائڻ وارن تي به سوال اٿاري رهيو آهي،هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن کي گهٽ نه ڪيو ۽ پيٽروليم ليوي کي مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ته جماعت اسلامي وٽ ڦيٿا جام ۽ شٽر ڊائون هڙتال جو آپشن به آهي.هن چيو ته حڪمرانن گذريل ٽن سالن ۾ بجلي جي بلن تي مختلف قسمن جا ٽيڪس لڳائي عوام کان 19 ٽريلين ٽيڪس گڏ ڪيا آهن، جڏهن ته پگهاردار طبقي گذريل سال 500 ارب کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو. حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن زميندارن کان ڪيترو ٽيڪس گڏ ڪيو آهي؟حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪمران قوم لاءِ عذاب آهن، اهي عوام جو رت نچوڙي پاڻ کي مزو ڏئي رهيا آهن، مريم نواز 11 ارب جو جهاز خريد ڪيو، سينيٽ چيئرمين لاءِ 90 ملين جي ڪار خريد ڪئي وئي