سکر (رپورٽ: رستم انڍڙ) جھانگڙو ٿاڻي جي حد ۾عورت نظيران ڀارو کي مبينا اغوا ڪندڙن سان روڊ حادثو پيش، 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، عورت زخمي، جسڪاڻي ڳوٺ ڀرسان نيشنل هاءِ تي تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽوھ جاگيراڻي ۽ عرض محمد جاگيراڻي ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته مبينا طور اغوا ٿي ويل عورت نظيران ڀارو سخت زخمي ٿي پئي، فوت ٿي ويلن جي لاشن ۽ زخمي عورت کي روھڙي تعلقي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مَڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺ شاھ محمد ڀارو جي رھواسين ڀارا برادري جي عورت نظيران ڀارو جي وارثن نظيران ڀارو جي مڙس نثار ڀارو، بهائي خان ڀارو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته جاگيراڻي برادري جي هٿياربند اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ پنج سالن جي معصوم نياڻي رخسانا ڀارو ۽ نظيران ڀارو کي مبينا اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته هنن سان حادثو پيش آيو، اغوا ڪندڙن جاگيراڻي برادري جا ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ اسان جي عورت زخمي ٿي پئي، سرڪار طرفان فون اچڻ کان پوءِ هتي پهتاسين ته خبر پئي ته زخمي عورت زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پنج سالا نياڻي رخسانا ڀارو اڃان گم آهي جيڪا ناهي ملي سگهي، هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلان ڀارو وارو واقعو پيش آيو هو عورت جي اغوا ۾ به ساڳي برادري جي ماڻهن جو هٿ هو، ذريعن موجب مائي نظيران ڀارو ۽ عرض محمد جاگيراڻي پسند جي شادي لاءِ نڪري رهيا هئا ته هنن سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ٻه ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، عورت زخمي آهي، ٻارڙي جو پتو نه پئجي سگهيو.