ڪراچي (ذوالفقار راڄپر )سنڌ اسيمبلي معرڪه حق ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح ۽ وطن عزيز جي دفاع لاءِ پاڪستان فوج جي قابل فخر ڪارڪردگي تي سومر ڏينهن پنهنجي اجلاس ۾ هڪ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قرارداد قائد ايوان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پيش ڪئي وڏي وزير چيو ته پاڪستان هندستان جو ڏيج (تڪبر) مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، سڄي دنيا امن جي قيام لاءِ پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي. اسان جو ڀائر ملڪ ايران پاڪستان جي ماڻهن لاءِ ترانا ٺاهي رهيو آهي، صدر ٽرمپ کي جيڪڏهن دنيا ۾ امن لاءِ ڪو نالو ياد آهي ته اهو پاڪستان جي ليڊرشپ ۽ فوج ياد آهي، الله تعاليٰ اسان کي عزت ڏني آهي، اسان کي ان تي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته 1947 ۾ هندستان چوندو هو ته هي ملڪ 6 مهينا نه هلندو پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان قائم ۽ دائم آهي. مراد علي شاهه پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي حوالي سان چيو ته ان جي شروعات 20 جنوري 1972 تي ٿي هئي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سڀني نامور سائنسدانن کي ملتان ۾ گهرايو هو. انهي ڏينهن ڀٽو فيصلو ڪيو ته پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بڻايو ويندو. مئي 1998 ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ اهو پهرين مسلمان ائٽمي ملڪ بڻيو. هن چيو ته معرڪه حق جي موقعي تي پاڪستان هندستان تي جيڪو ڪاري دفاعي ضرب لڳايو آهي، اهو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي. هن چيو ته هندستان ميزائل هلايا، اسان جا سولين شهيد ٿيا پر ٿوري دير بعد پاڪ فضائيه بي مثال انداز ۾ ڪارروائي ڪئي، 7 ۽ 8 مئي جي وچ واري رات پاڪستان هندستان جو ڏيج ختم ڪري ڇڏيو. وزير اعليٰ چيو ته رافيل جهاز تمام سٺو آهي پر ان کي هلائڻ لاءِ همت گهرجي، هندستان جا 4 رافيل، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 13، هڪ ميراج 2000 پلس ۽ هڪ يو اي وي ماريو ويو، اهو وڏي ڳالهه آهي ته پاڪستان جي شاھينن هندستان جا 8 جهاز ماري ڪيرايا. مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته اهو ٽوٽل آپريشن 25 منٽن جو هو، هندستان جا 47 جهاز فضاء ۾ هئا ۽ اهي سڀ اسان جي نشاني تي هئا، جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سڀ ماري ڪيرايون ها، پر جن حملي ڪيو انهن کي ماريو ويو.وزير اعليٰ سنڌ چيو ته پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ اسان جي قوم متحد هئي، هن چيو ته هندستاني ميڊيا پروپئگنڊا سڄو پاڪستان پنهنجي قبضي ۾ وٺي چڪي هئي، اهي ماڻهو ڪراچي پورٽ تباهه ڪري چڪا هئا، لاهور ۾ ويٺل هئا. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي تقرير ڪري رهيا آهن. دشمن رات جي اونداهي ۾ آيو پر هندستان کي پوئتي هٽڻ ۽ شرمندگي برداشت ڪرڻي پئي. پاڪستان فوج جنهن انداز ۾ جواب ڏنو، اهو جواب سڄي قوم جو جواب هو. هن چيو ته پاڪستان فوج هندستان جو سڄو ڏيج مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. وزير قانون ضياءَ لنجار چيو ته اسان جي فوج وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، سڄي دنيا اڄ اسلام آباد جو اوچو ڪنڌ ڏسي رهي آهي. صوبائي وزير بلديات ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي هر انچ جو دفاع ڪري رهي آهي ۽ قربانيون ڏئي رهي آهي. جنگ ۾ فيلڊ مارشل سميت سياسي قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڪيو ايم جي اقليتي رڪن مھيش ڪمار ھسيجا چيو ته هي ملڪ اسان سڀني جو آهي، چاهي مسلمان هجي يا غير مسلم، پاڪستان جي نالي تي اسان سڀ متحد آهيون. ايم ڪيو ايم جي رڪن افتخار عالم چيو ته سندن جماعت هن قرارداد جي حمايت ڪري ٿي ۽ اسان پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پيپلز پارٽي جي سعديه جاويد چيو ته پاڪستان دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ مڃرائي ورتي آهي، اڄ سڄي دنيا پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي. جماعت اسلامي جي رڪن محمد فاروق چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪ فضائيه هندستان جو ڏيج مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. اسان جو دشمن پاڻ کي فوجي لحاظ کان اسان کان مٿي سمجهندو هو، کيس خبر پئجي وئي. اسان جنگون بند ڪرائيندڙ ماڻهو آهيون، رت وهائيندڙ ماڻهو نه آهيون. مسئلو ڪشمير به جلد کان جلد حل ٿيڻ گهرجي.