ڪميشن امتحان ۾ تمام گهٽ اميدوار پاس ٿيا،نتيجن خلاف درخواست ڏئي سگهجي ٿي:ســــــنڌ پــبــلڪ سروس ڪميشن

ڪراچي (پ ر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) چيو آهي ته گڏيل چٽاڀيٽي امتحان (CCE) 2024 جي نتيجن ۾ ڪاميابي سان ھمڪنار نه ٿيندڙ  اميدوارن ۾ بيچيني ڏسڻ ۾ اچي رهي  آهي، جنھن جو بنيادي سبب امتحاني نتيجن ۾ تمام گھٽ اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ آھي.  ڪميشن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته جوابي ڪاپين جي جاچ ۽ اميدوارن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ مڪمل طور تي امتحان وٺندڙن (Examiners) جو اختيار آهي، جڏهن ته ڪميشن جو ان عمل ۾ ڪو به عمل دخل ناهي ۽ نه ئي اها امتحان وٺندڙن تي سختي يا نرمي بابت اثرانداز ٿي سگهي ٿي۔ايس پي ايس سي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪجهه اميدوار احتجاجي رويو اختيار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه مفاد پرست عنصر کين قانون هٿ ۾ وٺڻ لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن، جيڪا صورتحال قابلِ مذمت ۽ غير مناسب آهي۔ڪميشن اميدوارن کي صلاح ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي نتيجن بابت ڪو جائز اعتراض يا شڪايت هجي ته هو ريگوليشن 161 (Recruitment Management Regulations-2023) تحت باقاعده درخواست جمع ڪرائين، جنهن تي قانون موجب منصفاڻو جائزو وٺي مناسب فيصلو عمل ۾ آندو ويندو.پريس رليز موجب، عدالتي حڪمن جي روشني ۾ گڏيل چٽاڀيٽي امتحان هر سال باقاعدگي سان منعقد ڪيا پيا وڃن ته جيئن شفافيت ۽ تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ناڪام  ٿيل اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايندڙ امتحان لاءِ وڌيڪ محنت ۽ جذبي سان تياري ڪن۔سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته امتحاني عمل ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ ايمانداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته عوام ۽ اميدوارن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو بي بنياد پروپيگنڊا کان پاسو ڪن ۽ پنهنجي محنت جاري رکن۔

ڪنهن خاندان جا ٽي ڀاتي پاس ٿيا آهن؟نالا ته ٻڌايو:وڏو وزير

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن بابت سنڌ اسيمبلي آڏو صحافين جي سوالن جي جواب ۾ چيو ته مون کي خبر ئي ناهي ته منهنجي  خاندان جا ٽي ڀاتي ڪميشن جي امتحان ۾ پاس ٿيا آهن،مون کي ٻڌائجو ته منهنجي ويجهي ڪاموري جي خاندان جا ڪهڙا ڀاتي پاس ٿيا آهن جڏهن ته صحافين  پاران وڌيڪ سوال ڪرڻ تي وڏو وزير چڙي پيو ۽ ڇڏيو يار مون کي اسيمبلي ۾ وڃڻ ڏيو

تون مٿان لهي آيو آهين ڇا؟:لياقت جتوئي جي ايس پي ايس سي چيئرمين مٿان تنقيد

ميهڙ (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين مٿان سخت تنقيد ڪندي  چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين، ڪو ڳالهائي ٿو ته هو ان خلاف ڪيس داخل ٿو ڪرائي، ڇو تون ڪو مٿان لهي آيو آهين ڇا، توهان حڪومتي ملازم آهيو، اوهان کي پگهار ملي ٿي، اوهان کي ميرٽ تي هلڻو آهي، اوهان جنهن کي وڻي پئسا وٺي نوڪري ٿا ڏيو، حالتون تبديل ڪريو، ڏينهن کان پوءِ رات ٿيندي، پوءِ ڇا ٿيندو،  لياقت علي جتوئي ميھڙ جي اياز ڪالوني پھچي 28 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿيل 6 ورھين جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي والد شمس الدين سولنگي ۽ وارثن سان ملاقات ڪري ھمدردي جو اظھار ڪيو، صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته مان ٻارڙي جي اغوا واري واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، دلي صدمو پھتو آھي جو اسان جي ميھڙ جي معصوم ٻارڙي اغوا ٿي وئي آھي، حڪومت نالي ڪا شئي نظر نه ٿي اچي، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ڪاٿي آھن؟ ھي پگھارون عوامي ٽيڪس مان کڻن ٿا ۽ وري ھڪ پارٽي جي سپورٽ ۾ لڳل آھن، جلد ٻارڙي بازياب نه ٿي ته حڪمت عملي جوڙينداسين.

پبلڪ سروس ڪميشن جي تڪراري نتيجن جي سنجيده جاچ ٿيڻ گهرجي:ناصر شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تازن تڪراري نتيجن تي  چيو آهي ته اشوز ايندا آهن،هن وقت به شڪايتون آهن،ان معاملي جي سنجيده جاچ ٿيڻ گهرجي،سنڌ اسيمبلي آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وڏو وزير جاچ ڪرائي رهيو آهي،منهنجي پنهنجي پٽ اڪبر عباس شاهه جا ڪميشن واري امتحان ۾ لکت ۾ وڌيڪ نمبر هئا،پر ڪواليفائي نه ٿي سگهيو،اها خبر ته نه آئي ته ناصر شاهه جو پٽ رهجي ويو،هڪ سوئيپر جو پٽ 17هين گريڊ ۾ اچي ويو،اها خبر به ڪنهن نه ڏني،انهيءَ ڀلا ڪنهن کي پئسا ڏنا هوندا؟هن چيو ته ريلوي ڊرائيور جو پٽ به پاس ٿيو،منهنجو عرض اهو آهي ته ضرور ڪٿي غلط ڳالهه ٿي آهي،ان جي انڪوائري ٿي رهي آهي،پ پ هميشه ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن،وڏو وزير انڪوائري ڪرائي رهيو آهي،ان تي سخت ايڪشن کنيو ويندو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي منڊي بڻيل آهي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوڪريون وڪرو ڪرڻ جي منڊي بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پيسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍيو آهي. پيسن تي نوڪريون وڪرو ميرٽ جو قتل عام آهي. پيسن تي نوڪريون کپائي اهل ۽ غريب شاگردن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. تازو ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان سي سي اي جي امتحانن ۾ وڏيرن، جاگيردارن ۽ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽  مشيرن جا ويجها عزيز پاس ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته  ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپٽ ڪامورن خلاف شاگرد ۽ صحافي احتجاج ڪن ٿا ته انهن مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا جيڪو سنڌ حڪومت جو شرمناڪ عمل آهي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ويو آهي:اياز لطيف

نوري آباد(رپورٽ: سڪندر پالاري) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي نوري آباد ۾ جشن لطيف جلسي ۾ ھزارين  ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت پاڪستان ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا، پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، سنڌ ۾ صحت، زراعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي وئي آهي، حڪومت مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ به وڏي صنعت  نه لڳائي وئي آهي سنڌ مان بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ھر ضلعي ۾ انڊسٽريل زون قائم ڪري مقامي ماڻھن کي روزگار ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھي سنڌ ۾ بادشاھت چاھين ٿا جنھن ۾ سنڌي ماڻهو غلام ھجي، بيورو ڪريسي ۽ ادارا ھنن جي حڪمن جا محتاج ۽ اشارن تي فقط ھنن جي مرضي وارا ڪم ڪندا رھن، ھاري، مزدور، پورھيت بنيادي سھولتن سميت قانوني انساني حقن کان به محروم آھن، غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي انارڪي پيدا ڪندي آھي. موجود حڪومت به خراب حڪمراني جو تسلسل ثابت ٿي آھي. ڪرپشن سمورن کاتن کي اڏوھي بنجي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، سنڌين لاءِ روزگار ۽ ترقي جا رستا بند ڪيا ويا آهي. سنڌيو توهين مالڪ آهيو توهين بادشاھ آهيو توھان هن خزاني جا ڌڻي آهيو زمين ۾ پوريل خزانا، وسيلا، گئس، پئٽرول، ڪوئلو، پاڻي سڀ توهان جو آھي، پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، ادو ۽ ادي ڪروڙين روپيا ايڊوانس وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري رھيا آھن، سڄي سنڌ ۾ آئيس ۽ ٻي منشيات جو زھر نوجوان نسل کي تباھ ڪري رھيو آھن، سڄي سنڌ منشيات ۽ ڏوھن جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي.

2025 جي اسڪريننگ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو فيصلو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2025 جا نتيجا به تڪراري بڻجي ويا. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسڪريننگ  ٽيسٽ 30 مئي 2026 تي ٻيهر وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڪميشن جي 2023 ۽ 2024 جي چيٽا ڀيٽي جي امتحان جي تڪراري  بڻجڻ ۽ ان خلاف متاثر اميدوارن جي احتجاج کان پوءِ ڪميشن طرفان فيصلو ڪيو ويو ته  2025 جي اسڪريننگ ٽيسٽ ٻيهر 30 مئي تي ورتي ويندي. ڪميشن طرفان اهڙي پريس پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اسڪريننگ ٽيسٽ جو شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڪ پڌرائي ۾ ڪميشن اهو به واضع ڪيو آهي ته جيڪڏهن 23-2024 جي نتيجن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته اهو سڌي طرح ڪميشن کي درخواست ذريعي اعتراض ڪري احتجاج جو رستو اختيار نه ڪيو وڃي. جيڪو به ڪميشن جي آفيس سامهون احتجاج ڪندو ان خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.