پ پ ٻڌائي ته ارڙهين ترميم جي خاتمي ۾ ڇو پئي حصو بڻجي؟:فضل الرحمان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)جمعيت علماء اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته ٻه صوبا بدامني جو مرڪز بڻجي چڪا آهن، ڇا اسان صرف “معرڪه حق” جي جشن ۾ لڳا رهنداسين ۽ ماڻهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏينداسين؟هن چيو ته هن ملڪ جي  حالتن تي هن ايوان جي فلور تي بار بار ڳالهه ڪئي آهي، پر اسان جي ڳالهه قوم تائين سڌي طرح نٿي پهچائي وڃي. هن چيو ته هن ايوان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن برابر آهن، هر حلقو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي ٻڌڻ چاهي ٿو، پر اپوزيشن جي آواز کي ٻاهر وڃڻ نه ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اڄ هو خون سان ڀريل ماحول ۾ ڳالهائي رهيو آهي.اسان جي  جماعت جا ڪيترائي قومي اسيمبلي ميمبر، جهڙوڪ مولانا معراج الدين، مولانا نور محمد ۽ مولانا ادريس سميت ڪيترائي شهيد ٿي چڪا آهن. اسان آئين سان گڏ بيٺا آهيون پر اسان کي ان جي سزا ڏني پئي وڃي. باجوڙ ۾ اسان هڪ ئي جلسي ۾ 80 جنازا کنيا. پندرهن کان ويهن سالن کان آپريشن هلي رهيو آهي پر صورتحال بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج بهادري ڏيکاري. آمريڪي وائٽ هائوس پهريان پاڪ ڀارت جنگ کي ٻنهي ملڪن جو معاملو قرار ڏنو، پر جڏهن ڀارت کي شڪست ملي ته مودي ٽرمپ کي وچ ۾ آڻي جنگ بندي جي درخواست ڪئي. پوءِ ٽرمپ کي پاڪستان جي وزيراعظم نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو.هن سوال ڪيو ته آبناءِ هرمز سڀني لاءِ بند آهي، پر تيل سڀ کان مهانگو پاڪستان ۾ ڇو آهي؟ ڀارت جا جهاز به بيٺل آهن، پر اتي تيل مهانگو نه ٿيو. ٻين ملڪن ۾ به تيل مهانگو نه ٿيو، پر پاڪستان ۾ ٿيو. هن چيو ته هن ايوان جو ان ڪئمرا اجلاس ڇو نه ٿو سڏايو وڃي؟ فيصلا ايوان بدران وڏن محلن ۾ ڪيا وڃن ٿا.مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪمران نواز شريف به نٿو سمجهيو وڃي، ۽ شهباز شريف کي صرف ترميمن آڻڻ لاءِ وزيراعظم بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پهريان به غير قانوني ترميمون ڪيون ويون، هاڻي ٻي آئيني ترميم جي تياري ٿي رهي آهي.هن پيپلز پارٽي کي مخاطب ڪندي چيو ته ارڙهين ترميم توهان جي دور ۾ ٿي هئي، پر پيپلز پارٽي ٻڌائي ته ڇو آهستي آهستي ان ترميم کي واپس ڪرڻ ۾ حصو وٺي رهي آهي؟ هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سڀني کي گڏ ڪري آئين ٺاهيو هو، پر اڄ آئين غير محفوظ ٿي چڪو آهي. پيپلز پارٽي جو ڪمزور رويو ڀٽو جي روح کي به تڪليف ڏئي رهيو آهي. اڄ پارليامينٽ ربڙ اسٽيمپ بڻجي چڪي آهي.هن چيو ته هڪ هفتو اڳ بنون ۽ وانا ۾ درجنين پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. ڇا اسان صرف “معرڪه حق” جا جشن ملهائيندا رهنداسين ۽ ماڻهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏينداسين؟ هن چيو ته ٻن صوبن ۾ بدامني وڌي چڪي آهي، سندس علائقن ۾ حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، مساجد ۽ عام هنڌن تي هٿياربند ماڻهو ويٺل آهن، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن. جڏهن حڪومت مهانگائي ۽ جان و مال جو تحفظ نٿي ڪري سگهي ته پوءِ حڪومت جو ڪهڙو ڪم آهي؟هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اهم ماڻهن جون خوشيون ۽ غميون هاڻي اسلام آباد تائين محدود ٿي ويون آهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته ٽرمپ پاڻ ڪنهن کي خطرو قرار ڏئي ان تي حملا ڪري ٿو. ايران بهتر حڪمت عملي اختيار ڪري رهيو آهي، ۽ هن ڀيري يورپ آمريڪا سان گڏ ناهي. نار  ۾ باهه لڳائڻ وارا اسان جي حڪومت کي نوبل انعام ڏيارڻ ۾ لڳا پيا آهن.هن چيو ته ولي خان چيو هو ته ملڪ ڪٿي پيو وڃي، ڊرائيور کي به خبر ناهي، ۽ اڄ به ڊرائيور کي خبر ناهي ته ملڪ کي ڪٿي وٺي پيو وڃي.هڪ پي ٽي آءِ ميمبر طنز ڪيو ته اهي ڊرائيور ته توهان پاڻ بڻايا هئا، جنهن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جو ڀروسو ٽوڙيو ويو، سان واعدا ڪيا ويا ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشات تي قانونسازي ڪئي ويندي، پر عمل نه ٿيو. وياج جي خاتمي لاءِ ترميم آئي پر ان تي به ڪم نه ٿيو. حڪومت مدرسن کانسواءِ هر شيءِ کي خانگائڻ چاهي ٿي. مدرسن تي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هن چيو  ته  عالمن کي جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ تي قتل ڪيو پيو وڃي. ٻڌايو ويو ته ٽرمپ يا وفد اچي رهيا آهن، اسان کي چيو ويو ته مهانگائي خلاف مظاهرا ملتوي ڪيا وڃن. جمهوريت هاڻي مئل لاش بڻجي چڪي آهي. حڪومتي رويي سبب جمهوريت پنهنجو ڪيس هارائي رهي آهي، پر اپوزيشن بيٺي آهي ۽ بيٺي رهندي. هن اپوزيشن ليڊر کي به درخواست ڪئي ته ايوان مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.