ڪراچي بار چونڊن دوران ڇڪتاڻ، وڪيلن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي واري واقعي جي سلسلي ۾ ڪيس  سٽي ڪورٽ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو، ٻئي پاسي وڪيلن عدالت پهچي درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت تڪڙي ٻڌڻي بابت درخواست منظور ڪندي 15 مئي  جا نوٽس جاري ڪري ڇڏيا، ڪيس سنڌ بار ڪائونسل جي هڪ ملازم جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو، ملازم جي بيان موجب 7 مئي تي چونڊن دوران 2:30 وڳي ڌانڌلي جو گوڙ ٿيو، ٽيهه کان چاليهه وڪيلن زبردستي بيلٽ پيپر کسي ورتا ۽ نعرا هڻڻ شروع ڪيا، متن موجب ڪورٽ مان پولنگ جو مواد کسيو ويو ۽ ٻين ضلعن ۾ به پولنگ روڪي وئي، وڪيلن ۽ شرپسندن نعرا هڻي چونڊ عمل کي سبوتار ڪيو، ملازم موجب آئون سنڌ بار ڪائونسل جي حڪم تي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس ريٽرننگ آفيسرن خلاف داخل ڪرڻ آيو آهيان، ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو، ٻئي پاسي اهڙو ڪيس سنڌ بار جي ملازم جي فرياد تي داخل ڪرائڻ خلاف وڪيل سٽي ڪورٽ پهتا ۽ ضلعي سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صدر حسيب جمالي، سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل عابد زبيري، ڪراچي بار جو صدارتي اميدوار عامر نواز وڙائچ، صدارتي اميدوار سيد اسد شاھ راشدي، محمد خان شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پيش ٿي ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، داخل درخواست ۾ سيد اسد شاھ راشدي، عامر نواز وڙائچ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 7 مئي تي ڪراچي بار جي چونڊن ۾ هڪ ڌر کي کٽائڻ لاءِ ڌانڌلي ڪئي وئي بيلٽ پيپرن ۾ اڳ ۾ ٺپا لڳل هئا. داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي ڌر ٺاهيو وڃي، پوليس 161 جا بيان قلم بند ڪري ۽ جوابدار ظاهر ڪري سندن خلاف ڪيس ۾ نالو شامل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.