بلوچستان مان عورت خودڪش بمبار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڳجهن ادارن پاڪستان کي وڏي تباهي کان بچائيندي بلوچستان مان هڪ عورت خودڪش بمبار کي گرفتار ڪيو آهي، ڪوئيٽا ۾ عورت  خودڪش بمبار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته اسان سان ويٺل عورت خودڪش حملي جي مشن تي هئي ۽ کيس اسلام آباد ۾ حملي جو هدف ڏنو ويو هو، ڳجهن ادارن بروقت ڪارروائي ڪندي دهشت گردي جو منصوبو ناڪام بڻايو، دهشت گردن جو بلوچ روايتن سان ڪو تعلق ناهي، اسان نياڻين کي تعليم ڏيڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته دهشتگرد انهن کي خودڪش جيڪٽون پارائي رهيا آهن، اسان ڇوڪري کي عزت سان سندس والد حوالي ڪري رهيا آهيون، دهشت گرد عورتن کي ڦاسائي رهيا آهن ۽ عالمي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ نياڻين جو استحصال ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.