ملڪ ۾ رشوت خوري عام ٿي چڪي آهي:زين شاهه

ڪراچي اولھه (رپورٽ:اصغر بروهي)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع اوڀر ڪراچي طرفان مرڪزي صدر سيد زين شاهه جي مان ۾ آجياڻي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾  منير احمد نائچ، خادم حسين ٻرڙو، قمرالدين مشواڻي، فتح خاصخيلي، نويد خواجا، ڊاڪٽر علي نواز گبول، عبدالواحد مغيري، خليق هڪڙو، سراج قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سيد زين شاهه چيو ته آئين ۾ اهڙا قانون پاس ڪيا ويا آهن، جن سبب ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ کي هٿي ملي رهي آهي۔ هن چيو ته ملڪ ۾ رشوت خوري عام ٿي چڪي آهي ۽ سنڌي قوم پنهنجي ٻولي ۽ صوبي جي نالي تي ڪجهه ماڻهن کي معاف ڪندي خاموش ٿي ويهي رهي ٿي، جنهن جو فائدو وٺندي اهي ديسي دلال پنهنجي راشي ٽولي سان گڏ سنڌ جي وسيلن کي لٽيندا رهن ٿا هن وڌيڪ چيو ته هر سنڌي کي صرف پنهنجي ذات نه پر سنڌ جي بقا ۽ حقن لاءِ به سوچڻ گهرجي بلدياتي نظام کان وٺي اسيمبلين تائين ايماندار ماڻهن جي ضرورت آهي تقريب دوران مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين سان تعلق رکندڙ وقار سولنگي، سيف الله سومرو، عبدالستار سولنگي، بلاول مهر، اعظم سومرو، نديم مورو سميت ٽن درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.