ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن تي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، سڌارن واري ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ 60 ڏينهن اندر وڏي وزير کي پيش ڪندي، صوبي جي تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن جا معاملا سامهون اچڻ کان پوءِ مراد علي شاهه سخت نوٽيس وٺندي سڌارن لاءِ هڪ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڪاميتي پنهنجي رپورٽ 60 ڏينهن اندر وڏي وزير کي پيش ڪندي، ڪاميٽي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي موجوده انتظامي، تعليمي، امتحاني، گورننس ۽ عملي نظام جو جائزو وٺي بهتري لاءِ تجويزون ڏيندي، نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي جا چيئرمين چارٽر انسپيڪشن اينڊ ايويليوئيشن ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي هوندا، لياري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مهدي، آغا خان بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر نويد يوسف، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عباس بلوچ ۽ سيڪريٽري سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن نعمان احسن به ميمبرن ۾ شامل هوندا، ڪاميٽي تعليمي بورڊن ۾ جوابدهي ۽ خدمتن جي فراهمي مضبوط ڪرڻ لاءِ به سفارشون پيش ڪندي ۽ پنهنجي جامع رپورٽ حڪومت ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه کي منظوري لاءِ پيش ڪندي.