اسلام آباد(شڪيل ملڪ) 10 مئي اهم تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ اڄ ئي ڏينهن پاڪستان هندستان جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو هو. الله تعاليٰ جي مدد ۽ نصرت سان اسان دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني هئي۔ سڄي پاڪستان ۾ ان فتح جي خوشي ملهائي وئي ،ٻئي پاسي فوجي اسٽيبلشمينٽ اندر به وڏيون تبديليون ۽ مقرريون اچڻ واريون آهن۔ روايتي طور تي هر 3 سال بعد آرمي ۾ پوسٽنگ ۽ پروموشن ٿيندي آهي، ۽ هاڻي به ڪيترائي اهم آفيسر رٽائرمينٽ ۽ تبديلي جي مرحلي ۾ آهن۔هاڻي اهم ڳالهه اها آهي ته جنرل فيصل نصير بابت به افواهه آهن ته شايد کيس ترقي ڏئي ليفٽيننٽ جنرل بڻايو وڃي ۽ ڪنهن اهم عهدي، جهڙوڪ آءِ ايس آءِ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو وڃي۔ساڳي وقت موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ٻين سينيئر آفيسرن جا نالا به غور هيٺ آهن، ڇو ته فوج ۾ سڀئي سينيئر آفيسر ان عهدي لاءِ اهل آهن۔ان کان علاوه “وائيس چيف آف آرمي اسٽاف” جي عهدي تي به نئين مقرري ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو فور اسٽار جنرل جو عهدو آهي ۽ اڳ به مختلف دورن ۾ رهيو آهي۔هاڻي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فوج اندر وڏيون اهم مقرريون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ٽو اسٽار ۽ فور اسٽار آفيسرن جون تبديليون شامل هونديون۔ ڪجهه سينيئر آفيسر رٽائر ٿيندا ۽ ڪجهه نوان آفيسر اعليٰ عهدن تي ايندا۔خبر موجب اسلام آباد ۾ اهڙيون قياس آرائيون جاري آهن ته ڪجهه اهم عهدن لاءِ مخصوص نالا اڳتي آهن، پر حتمي فيصلا فوجي قيادت ڪندي۔ فوج هڪ انتهائي منظم ادارو آهي، جتي حڪم تي سوال نه ڪيو ويندو، ۽ هر آفيسر پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائيندو آهي، ڀلي کيس ڪنهن به علائقي ۾ مقرر ڪيو وڃي۔