سجاول جوڻيجو (ن ع آ) سجاول جوڻيجو ڀرسان جوڳي پاڙي ۾ معمولي ڳالهه تان جوابدار ڏنڊا هڻي نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته معمولي ڳالهه تان جوابدار منور جوڳي ڏنڊا هڻي خالد جوڳي ۽ ان جي ٻن سالن جي معصوم پٽ طاھر عباس جوڳي کي سخت زخمي ڪيو جن کي وارث تعلقا اسپتال ميروخان کڻائي ويا جتي ٻن سالن جي معصوم طاھر عباس جوڳي زخمن جا سور نه سھندي دم ڏنو ضروري ڪارورائي بعد لاش وارثن حولي ڪيو ويو ۽ زخمي کي طبي علاج لاءِ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو سجاول پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي جوابدار کي گرفتار ڪيو.