اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن سبب پاڪستان خطي ۾ توازن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي سامهون آيو آهي۔ايوانِ صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ صدرِ مملڪت معرڪه حق جي پهرين سالگرهه تي قوم ۽ هٿياربند فوجن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت، حڪمتِ عملي ۽ جرئتمنداڻن فيصلن معرڪو حق جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔هن پاڪ فضائيه جي سربراهه ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ فضائيه جي شاهينن جي غيرمعمولي مهارت ۽ پيشاوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو، جڏهن ته پاڪ بحريه جي سربراهه نويد اشرف ۽ بحري فوجن جي مڪمل آپريشنل تياري ۽ دفاعي صلاحيتن کي قومي سلامتي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو۔صدرِ مملڪت چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند رياست آهي، جنهن دشمن جي جارحيت جو ڀرپور پر متوازن جواب ڏئي دنيا کي پنهنجي دفاعي صلاحيت جو واضح پيغام ڏنو آهي۔صدر زرداري چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو۔هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش آبي دهشتگردي آهي، ڇوته پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي زندگيءَ جو مسئلو آهي۔صدر چيو ته افغانستان پنهنجي سرزمين پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي، ۽ ٻاهرين سهڪار سان جاري دهشتگردي جو مڪمل خاتمو خطي جي امن لاءِ لازمي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن سان پاڪستان خطي ۾ توازن ۽ استحڪام جي علامت بڻجي اڀريو آهي، جڏهنته ايران ۽ آمريڪا جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي۔صدر زرداري ان عزم کي ٻيهر ورجايو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوجون هر چيلنج کي منهن ڏيڻ ۽ وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن۔ ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف معرکۂ حق جي ڪاميابي جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته معرکۂ حق الله جي انعامن تي شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي،وزيراعظم چيو ته قوم شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي، شهيد فولادي ديوار بڻجي وطن جي دفاع ۾ بيٺل رهيا.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بري، بحري، هوائي ۽ سائبر محاذن تي پاڪ فوج پاڪستان کي ناقابلِ تسخير قوت بڻايو، پاڪستاني قوم کي نه مرعوب ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي جهڪائي سگهجي ٿو، دشمن جي جارحيت جي مقابلي ۾ پاڪستان واضح ۽ فيصلا ڪن برتري حاصل ڪئي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي دفاع لاءِ هر وقت چوڪس آهي ۽ خوارج ۽ “فتنه الہندستان” جي مڪمل خاتمي تائين ثابت قدم رهندو.هن فيلڊ مارشل عاصم منير جي جرئت ڀري قيادت، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدھو ۽ ايڊمرل نويد اشرف جي حڪمت عملي کي به خراج تحسين پيش ڪيو.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مسئلہ ڪشمير جي حل کان سواءِ خطي ۾ استحڪام ممڪن ناهي، ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندو۔