اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت گذريل رات پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ڪري ڇڏي۔ نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي۔پر حڪومتي نوٽيفڪيشن ۾ رڳو قيمتن ۾ واڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهنته سرڪاري دستاويزن موجب هن واڌ جو اصل سبب پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ اضافو آهي۔ ليوي وڌائڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ايندھنن جون قيمتون وڌيون آهن پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو تعين عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن سان ڳنڍيل آهي، ڇوته ملڪ پنهنجي مجموعي ضرورت جو لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو تيل درآمد ڪري ٿو. حڪومتي قيمتن جي تعين بابت دستاويزن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت جي حساب سان پاڪستان ۾ گذريل رات تائين ان جي قيمت 268 رپيا في ليٽر بڻجي رهي هئي، جيڪا هڪ هفتي اڳ جي ڀيٽ ۾ بنا ڪنهن تبديلي جي برقرار رهي۔ ان جي باوجود حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي۔ساڳيءَ طرح دستاويزن موجب عالمي منڊي ۾ ڊيزل جي قيمت وڌڻ سبب پاڪستان ۾ گذريل رات تائين ڊيزل جي قيمت 342 رپيا في ليٽر بڻجي رهي هئي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 7 رپيا 51 پئسا في ليٽر وڌيڪ هئي۔ پر حڪومت صارفين لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي۔حڪومتي قيمتن جي تعين واري فارمولي بابت دستاويزن موجب عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا تبديلي نه آئي هئي، ان جي باوجود حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو۔ دستاويزن موجب هن واڌ جو بنيادي سبب پيٽرول تي لاڳو پيٽروليم ليوي ۾ لڳ ڀڳ 14 رپيا في ليٽر واڌ آهي۔گذريل هفتي پيٽرول تي پيٽروليم ليوي 103 رپيا 50 پئسا في ليٽر هئي، جنهن کي حڪومت گذريل رات وڌائي 117 رپيا 41 پئسا في ليٽر ڪري ڇڏيو۔ ليوي ۾ هن واڌ سبب پيٽرول جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 15 رپيا في ليٽر اضافو ٿيو۔ٻئي پاسي عالمي منڊي ۾ ڊيزل جي قيمت موجب ان جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 7 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ بڻجي رهي هئي، پر حڪومت صارفن لاءِ ڊيزل جي قيمت ۾ ٻيڻو اضافو ڪندي ان کي 15 رپيا في ليٽر وڌايو۔ هن واڌ جو سبب ڊيزل تي لاڳو پيٽروليم ليوي ۾ نمايان اضافو آهي، جيڪا 28 رپيا 69 پئسا في ليٽر مان وڌائي 42 رپيا 60 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي۔حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي وڌائڻ جي نتيجي ۾ صارفين لاءِ پيٽروليم شيون وڌيڪ مهانگيون ٿي ويون آهن۔ ان حوالي سان توانائي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر عافيه ملڪ بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تحت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي وڌائي رهي آهي، جنهن سبب ٻنهي شين جون قيمتون وڌيون آهن۔هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي سبسڊي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، تنهنڪري آمدني جي کوٽ گهٽ ڪرڻ لاءِ ليوي وڌائي پئي وڃي۔ پر ڊاڪٽر عافيه ملڪ موجب حڪومت آمدني ۾ گهٽتائي پوري ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي کي هڪ آسان رستو بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين شعبن مان ٽيڪس اوڳاڙي جهڙا ڏکيا پر ضروري فيصلا مؤثر نموني لاڳو نٿا ڪيا وڃن۔سندس چوڻ موجب آءِ ايم ايف لاڳيتو مالي نظموضبط تي زور ڏئي رهيو آهي، جنهن لاءِ ملڪي آمدني وڌائڻ ضروري آهي، پر پرچون ۽ زرعي شعبن مان ٽيڪس وصول نه ٿيڻ سبب حڪومت بار بار پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو سهارو وٺي رهي آهي۔ڊاڪٽر عافيه ملڪ خبردار ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ سان نه رڳو عوام تي اضافي معاشي بار پوندو پر اهو مجموعي معيشت لاءِ به انتهائي منفي ثابت ٿيندو۔هن چيو ته قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي وڌندي ۽ عوام جي خريداري طاقت متاثر ٿيندي۔ جڏهن ماڻهو گهٽ خريداري ڪندا تہ پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معاشي واڌ جي رفتار به سست ٿي ويندي۔ٻئي پاسي مالي معاملن جي ماهر فرحان محمود بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پيٽروليم ليوي وڌائي ان آمدني واري خساري کي پورو ڪري رهي آهي، جيڪو ايران ۽ آمريڪا جي جنگ کان پوءِ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب سبسڊي جي صورت ۾ برداشت ڪيو ويو هو۔هن چيو ته حڪومت هڪ مرحلي تي قيمتون وڌائڻ کان پوءِ انهن کي گهٽ ڪيو هو، جنهن لاءِ 100 کان 125 ارب رپين تائين سبسڊي ڏني وئي۔ جيتوڻيڪ ان وقت دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سبسڊي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري ڏني ويندي، پر عملي طور ائين نه ٿي سگهيو حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي صارف سخت تنقيد ڪري رهيا آهن۔سينيٽر ڊاڪٽر زرقا تيمور ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ هاڻي صرف انگن اکرن جو معاملو نه رهيو آهي، پر اهو غريب، وچولي ۽ هيٺئين وچولي طبقي جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو عذاب بڻجي چڪو آهي۔سندس خيال موجب “غريب عوام ٻن وقتن جي ماني، ٻارن جي فيسن ۽ علاج لاءِ پريشان آهن۔ وچولو طبقو پنهنجي جمع پونجي خرچ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پگهاردار طبقو هر مهيني وڌيڪ قرض ۾ ٻڏي رهيو آهي۔”هن سوال ڪيو ته “آخر هن ملڪ جو عام ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟”سينيٽر زرقا موجب “هر شيءِ داءَ تي لڳي چڪي آهي۔ روزگار، سڪون، عزتِ نفس، ايتري قدر جو جيئڻ جي اميد به،هن چيو ته جيڪڏهن اهڙا ئي حال رهيا تہ عوام زنده نه، رڳو زنده رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهجي ويندا،ميان دائود نالي هڪ صارف ايڪس تي طنزيه انداز ۾ لکيو ته انتهائي خوشي سان اعلان ڪيو وڃي ٿو ته پيٽرول 14 رپيا، ڊيزل 15 رپيا مهانگو،خالد حسين ملڪ نالي صارف هن واڌ تي لکيو ته جڏهن قيمت گهٽ ڪرڻي هوندي آهي ته جناب شهباز شريف پاڻ اچي عوام جا همدرد بڻجي اعلان ڪندا آهن، پر اهڙي واڌ وقت رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آهي،سندس خيال موجب اسان جو خزانو سنڀاليندڙ اعليٰ درجي جا تيل ڪڍڻ وارا آهن، انهن کي سمنڊ مان تيل ڪڍڻ تي لڳايو وڃي۔ اسان ته صبر ڪري رهيا آهيون،ضيغم نقوي لکيو ته حڪومت کي شايد بهترين بهانو ملي ويو آهي ته ‘جنگ آهي۔۔۔ جنگ آهي۔۔۔’ ايف بي آر جي نااهلي لڪائڻ لاءِ اڳ ئي پيڙهيل عوام کي وڌيڪ مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيو پيو وڃي،صحافي انصار عباسي لکيو ته مهانگي پيٽرول تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ وٺڻ بدران ان ٽيڪس ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ عوام تي ظلم آهي ۽ وزيراعظم جي ان بيان جي به نفي آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته وڌيڪ بار عوام تي منتقل نه ڪيو ويندو، هن تجويز ڏني ته آءِ ايم ايف سان ڳالهائي ليوي کي گهٽ کان گهٽ سطح تي آندو وڃي.